2.سموئيل 7:21 - Muslim Sindhi Bible21 تو پنهنجي واعدي خاطر ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب اهي سڀ عظيم ڪم ڪيا آهن، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي ٻانهي کي انهن کان واقف ڪرين. Faic an caibideilSindhi Bible21 ڇالاءِ جو هي سڀ وڏا ڪم جي تو ڪيا آهن سي پنهنجي ڪلام جي خاطر، ۽ پنهنجي دل جي مرضي موافق تو ڪيا آهن، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي ٻانهي کي انهيءَ مان واقف ڪرين. Faic an caibideil |
اوهين پنهنجي نيڪوڪاريءَ يا دل جي سچائيءَ جي ڪري سندن ملڪ تي قبضو ڪرڻ نہ ٿا وڃو، بلڪ انهن قومن جي بدڪاريءَ جي ڪري خداوند اوهان جو خدا کين اتان ڀڄائي ٿو ڪڍي. هو انهيءَ لاءِ بہ کين ڀڄائي ٿو ڪڍي تہ جيئن خداوند پنهنجي انهيءَ واعدي کي پورو ڪري، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.