Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 7:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن بادشاهہ ناتن نبيءَ کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ ديال جي ڪاٺين مان جُڙيل محل ۾ رهان ٿو، پر خدا جي عهد واري صندوق تنبوءَ هيٺ رهي ٿي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 تڏهن بادشاهہ ناتن نبيءَ کي چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ ديودار جي ڪاٺين مان جڙيل گهر ۾ رهان ٿو، پر خدا جي صندوق پردن جي اندر ٿي رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 7:2
24 Iomraidhean Croise  

تڏهن اورياہ دائود کي وراڻيو تہ ”يهوداہ بلڪ سڄي بني اسرائيل جا ماڻهو ۽ عهد واري صندوق جنگ جي ميدان ۾ هجي، منهنجو سپهہ‌سالار يوآب ۽ منهنجي آقا بادشاهہ جا سالار کُليل ميدان تي منزل ڪيو لٿا پيا هجن ۽ آءٌ پنهنجي گھر وڃي کاوان، پيئان ۽ پنهنجيءَ زال سان وڃي سمهان؟ هرگز نہ، اوهان جي سر جو ۽ اوهان جي جان جو قسم آهي تہ مون کان اهو ڪم ڪين ٿيندو.“


سو خداوند ناتن نبيءَ کي دائود ڏانهن موڪليو. هو وٽس آيو ۽ چيائينس تہ ”هڪڙي شهر ۾ ٻہ ماڻهو رهندا هئا، جن مان هڪڙو شاهوڪار هو ۽ ٻيو غريب.


صور جي بادشاهہ حيرام دائود ڏانهن قاصد موڪليا، جن سان گڏ ديال جو ڪاٺ، واڍا ۽ رازا بہ موڪليائين. انهن دائود جي لاءِ هڪڙو محل جوڙيو.


پوءِ خداوند جي عهد واري صندوق کي اندر آڻي انهيءَ خيمي جي وچ ۾ سندس جاءِ تي رکيو ويو، جيڪو دائود انهيءَ جي لاءِ ئي کوڙيو هو. دائود خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيون.


سو ناتن اهي سموريون ڳالهيون ۽ اهو سڄو الهام دائود کي بيان ڪري ٻڌايو.


هن اڃا بادشاهہ سان ڳالهايو ئي پئي تہ ناتن نبي بہ اتي اچي پهتو.


پر صدوق ڪاهن، بناياہ ولد يهويدع، ناتن نبي، شمعي، ريعي ۽ دائود جي محافظن ادونياہ جو ساٿ نہ ڏنو.


ناتن جو پٽ عزرياہ جيڪو ضلعي عملدارن جو نگران هو، ناتن جو پٽ زبود جيڪو ڪاهن ۽ بادشاهہ جو مشير هو،


سليمان وڌيڪ چيو تہ ”منهنجي پيءُ دائود جي دل ۾ اهو خيال هو تہ خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي نالي تي هڪڙو گھر جوڙجي.


صور جي بادشاهہ حيرام دائود ڏانهن ڪجھہ قاصد موڪليا. هن دائود ڏانهن ديال جو ڪاٺ، رازا ۽ واڍا پڻ موڪليا، تہ جيئن هن لاءِ هڪ محل تعمير ڪن.


هنن خدا جي عهد واري صندوق اندر آڻي انهيءَ تنبوءَ جي وچ ۾ رکي، جيڪو دائود انهيءَ لاءِ کوڙيو هو. پوءِ هنن خدا جي حضور ۾ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيون.


دائود پنهنجي پٽ سليمان کي چيو تہ ”اي پٽ! اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ تہ هئي تہ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي هڪڙو گھر ٺاهيان.


دائود بادشاهہ جي بادشاهيءَ جون ڳالهيون، شروع کان وٺي آخر تائين، سڀيئي سموئيل، ناتن ۽ جاد، ٽنهي نبين جي تواريخ جي ڪتابن ۾ لکيل آهن.


پر عهد واري صندوق يروشلم ۾ هڪڙي تنبوءَ ۾ رکيل هئي، جيڪو سليمان جي پيءُ دائود تڏهن کوڙيو هو جڏهن اها صندوق قريت‌يعريم مان آندي هئائين.


جيئن خداوند غيبدان جاد ۽ ناتن نبيءَ جي معرفت دائود بادشاهہ کي حڪم ڏنو، تيئن ئي حزقياہ خداوند جي گھر ۾ لاوين کي ٽلين، دنبورن ۽ سارنگين سان مقرر ڪيو.


سليمان جا ٻيا سڀيئي ڪم، شروع کان آخر تائين ”ناتن نبيءَ جي تواريخ“، ”اخياہ سيلائيءَ جي معرفت پيغام“ ۽ ”عيدو غيبدان جون ڏٺل رويائون“ ۾ لکيل آهن. انهيءَ پوئين ڪتاب ۾ اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ولد نباط جو بيان بہ لکيل آهي.


اي خداوند! هن ڪيئن نہ تو سان قسم کنيو هو، هائو، تو يعني يعقوب جي قادر آڏو هي باسون باسيون هئائين تہ


جيستائين تو خداوند لاءِ ڪا جاءِ حاصل نہ ڪريان، هائو، جيستائين تو يعني يعقوب جي قادر لاءِ گھر نہ اڏيان.“


پوءِ صندوق مقدس خيمي ۾ کڻائي آيو ۽ انهيءَ جي اڳيان پردو ٽنگائي ڇڏيائين.


’اي منهنجي قوم! ڇا اهو مناسب آهي جو اوهين تہ هن وقت عاليشان گھرن ۾ رهو ٿا، جڏهن تہ منهنجي هيڪل اڃا مٽيءَ جا دڙا لڳي پيئي آهي؟


تڏهن سندس شاگردن کي پاڪ ڪلام جي اها لکت ياد آئي تہ ”اي خدا! تنهنجي گھر لاءِ منهنجي غيرت مون کي جلائيندي.“


دائود خدا وٽ قبول پيو هو ۽ هن عرض ڪيو هئس تہ يعقوب جي خدا لاءِ کيس گھر اڏڻ جي اجازت ملي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan