2.سموئيل 7:16 - Muslim Sindhi Bible16 تنهنجو گھر ۽ تنهنجي بادشاهت هميشہ منهنجي نظر هيٺ رهندي ۽ تنهنجو تخت هميشہ جي لاءِ قائم ڪيو ويندو.‘“ Faic an caibideilSindhi Bible16 ۽ تنهنجو گهر، ۽ تنهنجي بادشاهت، هميشہ جي لاءِ قائم ڪئي ويندي: تنهنجو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪيو ويندو. Faic an caibideil |
تنهنڪري هاڻ اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! جيڪو ٻيو واعدو تون منهنجي پيءُ پنهنجي ٻانهي دائود سان ڪيو آهي سو بہ پورو ڪر. تو کيس چيو هو تہ ’بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ منهنجي حضور ۾ تنهنجي اولاد مان ماڻهوءَ جي ڪمي ڪانہ ٿيندي، بشرطيڪ هو منهنجي شريعت تي عمل ڪندي سڌيءَ راهہ تي هلي جهڙيءَ طرح تون ڪندو رهيو آهين.‘
توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“