Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 7:12 - Muslim Sindhi Bible

12 جڏهن تنهنجا ڏينهن پورا ٿيندا ۽ تون وفات ڪري وڃي پنهنجي ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيندين، تڏهن تو کان پوءِ تنهنجي اولاد مان هڪڙي کي آءٌ کڙو ڪندس ۽ هن جي بادشاهت بہ قائم ڪندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 جڏهن تنهنجا ڏينهن پورا ٿيندا، ۽ تون پنهنجن ابن ڏاڏن سان گڏ وڃي سمهندين، تڏهن توکان پوءِ جيڪو تنهنجو اولاد تنهنجن آنڊن مان نڪرندو، تنهن کي آءٌ کڙو ڪندس، ۽ انهن جي بادشاهت بہ قائم ڪندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 7:12
36 Iomraidhean Croise  

پوءِ هن خداوند کي وري پاڻ سان ڳالهائيندي ٻڌو تہ ”اليعزر تنهنجو وارث نہ ٿيندو، پر تنهنجو پنهنجو پٽ تنهنجو وارث ٿيندو.“


تو پنهنجي هن مخصوص ڪيل بادشاهہ کي عظيم سوڀون بخشيون آهن، هائو، پنهنجي دائمي شفقت هن مسح ڪيل کي ڏيکاري اٿيئي، يعني مون دائود کي ۽ منهنجي نسل کي، هميشہ هميشہ لاءِ.“


نہ تہ جڏهن توهان وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان سمهندا تڏهن آءٌ ۽ منهنجو پٽ سليمان مجرم ليکيا وينداسون.“


دعا گھري چيو تہ ’شل خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ هجي جنهن اڄ مون کي منهنجي تخت تي منهنجو وارث ويهندي ڏيکاريو آهي.‘“


جڏهن دائود جي مرڻ جا ڏينهن اچي ويجھا ٿيا تڏهن پنهنجي پٽ سليمان کي وصيت ڪري چيائين تہ


دائود وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان سُتو. کيس سندس ئي شهر ۾ دفن ڪيو ويو.


انهيءَ لاءِ تہ خداوند منهنجي باري ۾ مون سان ڪيل واعدو پورو ڪري تہ ’جيڪڏهن تنهنجو اولاد پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان منهنجي حڪمن تي هلندو تہ ڪڏهن بہ تو وٽ بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ وارثن جي ڪمي نہ ٿيندي.‘


سو هاڻ منهنجو ارادو آهي تہ خداوند پنهنجي خدا جي عبادت لاءِ آءٌ هڪڙي هيڪل تعمير ڪرايان جيئن خداوند منهنجي پيءُ دائود کي چيو هو تہ ’تنهنجو پٽ جنهن کي آءٌ تنهنجي جاءِ تي تخت تي وهاريندس سو ئي منهنجي عبادت لاءِ هڪ گھر ٺهرائيندو.‘


هن چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ هجي، جنهن پنهنجي زبان سان منهنجي پيءُ دائود سان ڪيل واعدو پورو ڪيو آهي، جو کيس چيو هئائين تہ


تنهن هوندي بہ تون اهو گھر جوڙائي نہ سگھندين، بلڪ تنهنجو پٽ جيڪو تنهنجو ئي هڏ رت هوندو سو منهنجي نالي تي هڪڙو گھر جوڙائيندو.‘


سو خداوند هاڻ پنهنجو ڪيل واعدو پورو ڪري ڏيکاريو آهي. آءٌ پنهنجي پيءُ دائود جو جاءِ‌نشين بڻيو آهيان ۽ بني اسرائيل جي تخت تي ويٺو آهيان. مون خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي نالي تي اهو گھر جوڙايو آهي.


تہ آءٌ بني اسرائيل تي تنهنجي بادشاهيءَ جو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪندس، جيئن مون تنهنجي پيءُ دائود سان واعدو ڪيو هو. مون کيس چيو هو تہ ’تنهنجي اولاد مان بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ ماڻهوءَ جي ڪمي نہ ٿيندي.‘


انهيءَ هوندي بہ خداوند پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر يهوداہ کي ناس ڪرڻ نہ چاهيو، ڇو تہ خداوند دائود سان واعدو ڪيو هو تہ ”تنهنجي اولاد مان هڪڙي جي حڪمراني هميشہ رهندي.“


جڏهن تنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ٿيندا ۽ تون وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيندين، تڏهن آءٌ تنهنجو نسل تنهنجي پٽن مان هلائيندس ۽ منجھانئن هڪڙي کي تنهنجي تخت تي ويهاريندس.


هاڻ اي خداوند خدا! جيڪو واعدو تو منهنجي پيءُ دائود سان ڪيو هو سو برقرار رهي، ڇو تہ تو مون کي هڪڙي اهڙيءَ قوم جو بادشاهہ بڻايو آهي جيڪا شمار ۾ واريءَ جي ذرڙن کان بہ وڌيڪ آهي.


ڇا اوهان کي خبر نہ آهي تہ خداوند، بني اسرائيل جي خدا دائود ۽ سندس اولاد کي سڄي بني اسرائيل جي بادشاهت اڻٽٽ عهد سان هميشہ لاءِ ڏيئي ڇڏي آهي؟


انهيءَ هوندي بہ خداوند دائود جي گھراڻي کي ناس ڪرڻ نہ گھريو، ڇاڪاڻ تہ دائود سان عهد اقرار ڪيو هئائين تہ کانئس پوءِ سندس اولاد مان هميشہ تائين هڪڙو حڪمران رهندو ايندو.


انهن سڀني هيڪل ۾ اچي شهزادي يوآس سان عهد اقرار ڪيو. يهويدع کين چيو تہ ”ڏسو، هي اخزياہ بادشاهہ جو پٽ ئي هاڻي بادشاهي ڪندو، جيئن خداوند دائود جي اولاد بابت بادشاهيءَ جو واعدو فرمايو آهي.


تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود سان ڪيل واعدو پورو ڪيو آهي. هائو، تو پنهنجي زبان سان واعدو ڪيو هو ۽ پنهنجي قدرت سان اُهو پورو ڪيو آهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


تنهن هوندي بہ تون اهو گھر جوڙائي نہ سگھندين، بلڪ تنهنجو پٽ جيڪو تنهنجو ئي هڏ رت هوندو سو منهنجي نالي تي هڪڙو گھر جوڙائيندو.‘


انهيءَ جي نسل مان سدائين ڪو بادشاهہ ٿيندو رهندو، ۽ جيستائين آسمان قائم آهي تيستائين سندس تخت قائم رهندو.


انهيءَ وقت يسيءَ جي پٽ دائود جي نسل مان اهو بادشاهہ اٿي کڙو ٿيندو، جنهن جي جھنڊي هيٺ سڀيئي قومون اچي گڏ ٿينديون ۽ سندس شاهي شهر وڏي شان وارو ٿيندو.


هن جي بادشاهيءَ جي اقبالمنديءَ ۽ سلامتيءَ جو ڪڏهن بہ خاتمو نہ ٿيندو. هو دائود جي تخت تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي هميشہ تائين انهيءَ کي انصاف ۽ سچائيءَ سان قائم رکندو. شل قادرِمطلق خداوند جي غيرت ائين ڪري.


انهيءَ سبب جو مون خداوند اهو واعدو ڪيو آهي تہ بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ دائود جي نسل ۾ مردن جي کوٽ نہ ٿيندي.


جيڪي مٽيءَ ۾ وڃي ستا آهن، تن مان گھڻا ئي وري جاڳي اٿندا. انهن مان ڪن کي دائمي حياتي ملندي، تہ ڪي وري هميشہ جي ذلت وَ خواريءَ ۾ وڃي ڪرندا.


عيسيٰ مسيح جيڪو دائود ۽ ابراهيم جو اولاد آهي، تنهن جو شجرو هي آهي.


هو وڏي عظمت وارو ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جو فرزند ڪري سڏبو. خداوند خدا هن کي سندس ڏاڏي دائود جو تخت عطا ڪندو.


پوءِ عيسيٰ انهن کي موسيٰ جي توريت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکتن تائين، پاڪ ڪلام جون اهي سڀ ڳالهيون سمجھايون جيڪي سندس بابت لکيل آهن.


خدا پنهنجي مرضي دائود جي زماني ۾ ئي سندس هٿان پوري ڪئي ۽ پوءِ دائود مري ويو. هن کي پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ هن جو لاش ڳري سڙي ويو.


هو نبي هو ۽ ڄاتائين ٿي تہ خدا هن سان قسم کڻي انهيءَ ڳالهہ جو واعدو ڪيو هو تہ ’آءٌ تنهنجي اولاد مان هڪڙي کي تنهنجي تخت تي ويهاريندس.‘


ٻڌو، آءٌ اوهان کي هڪ راز ٻڌايان ٿو تہ جيتوڻيڪ اسين ايمان وارا سڀ جو سڀ مري ڪونہ وينداسين، تنهن هوندي بہ آخري صور جي ڦوڪ سان ئي هڪدم، اک ڇنڀ ۾ مئل توڙي جيئرا سڀيئي بدلجي وينداسين. هائو، اها صور جڏهن ڦوڪي ويندي، تڏهن مري ويلن کي بقا واري حالت ۾ جيئرو ڪري اٿاريو ويندو ۽ ائين اسين بدلايا وينداسين.


خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي آرامي ٿيندين، پر هي ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ وڃن ٿا، اتي جي ڌارين معبودن جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿيندا. هو مون کي ڇڏي ڏيندا ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ٻڌو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا.


ڏسو، جيئن تہ اسان جو ايمان آهي تہ عيسيٰ مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اٿيو، تيئن اسان جو هي بہ ايمان آهي تہ جيڪي عيسيٰ ۾ مري ويا آهن، تن کي بہ خدا عيسيٰ سان گڏ رهائيندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan