Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 7:10 - Muslim Sindhi Bible

10 آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ هڪڙي جاءِ مقرر ڪندس ۽ انهن کي اتي اهڙو تہ ڄمائيندس جو هو انهيءَ جاءِ تي ئي رهندا ايندا ۽ وري اتان ڪين چرندا. بدڪار ماڻهو انهن کي وري اهڙيون تڪليفون نہ ڏيئي سگھندا، جهڙيون شروعاتي ڏينهن ۾ ڏيندا هئن،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ۽ آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي لاءِ هڪڙي جاءِ مقرر ڪندس، ۽ انهن کي اهڙو ڄمائيندس جو هو پنهنجي جاءِ تي رهندا ايندا، ۽ وري اتان نہ چرندا؛ ۽ شرير ماڻهو وري انهن کي اهڙي تڪليف نہ ڏيندا، جهڙي انهن ڏينهن ۾ ڏيندا هئا،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 7:10
25 Iomraidhean Croise  

جيڪو ملڪ مون هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي تنهن مان وري ڪڏهن بہ آءٌ بني اسرائيل کي نہ ٿيڙيندس، بشرطيڪ جيڪي حڪم مون کين ڏنا آهن ۽ جيڪا منهنجي شريعت منهنجي ٻانهي موسيٰ کين ڏني آهي تن تي هو عمل ڪندا رهن.“


آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي لاءِ هڪڙي جاءِ مقرر ڪندس ۽ انهن کي اهڙو ڄمائيندس، جو هو انهي جاءِ تي رهندا ايندا ۽ وري اتان نہ چرندا. بدڪار ماڻهو انهن کي وري اهڙيون تڪليفون نہ ڏيئي سگھندا، جهڙيون شروعاتي ڏينهن ۾ ڏيندا هئن.


آءٌ وري بني اسرائيل کي هن ملڪ مان نہ ٿيڙيندس، جيڪو مون هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏنو هو، بشرطيڪ هو انهن سڀني حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪندا رهن جيڪي مون کين موسيٰ جي معرفت ڏنا آهن.“


هائو، تو قديم زماني ۾ ڌارين قومن کي ڀڄائي سندن ملڪ ڪنعان ۾ کين آباد ڪيو. انهن قومن کي برباد ڪري تو پنهنجي قوم کي خوشحال بڻايو.


اي خدا! اي منهنجا بادشاهہ! تو ئي اسان بني يعقوب کي سوڀون بخشيون آهن.


اسين انگورن جي ول جي هڪڙي ٻوٽي مثل هئاسين، جنهن کي تو مصر ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ ڪنعان مان ڌارين قومن کي ڀڄائي ڪڍي اتي ان کي لڳايو.


انهيءَ کي اتي پوکڻ لاءِ تو زمين کي تيار ڪيو هو. سو ان جي پاڙ چڱيءَ طرح لڳي، ۽ اهو سڄي ملڪ تي پکڙجي ويو.


تنهن کان پوءِ فرعون پنهنجي سڀني ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”عبرانين ۾ جيڪو پٽ ڄمي تنهن کي درياءَ ۾ اڇلايو ۽ جيڪا ڌيءَ ڄمي تنهن کي جيئرو ڇڏي ڏيو.“


اي خداوند! تون پنهنجي قوم کي آڻي پنهنجي انهيءَ چونڊيل پهاڙ تي وڻ وانگر پوکيندين، جيڪو تو پنهنجي رهڻ لاءِ مقرر ڪيو آهي. هائو، اي مالڪ! اها مقدس جاءِ تنهنجي هٿن تيار ڪئي آهي.


هن ٽڪريءَ کي کيڙيو، ۽ انهيءَ جا پٿر ڪڍي زمين صاف ڪيائين. اتي هن انگورن جون عمديون وليون لڳايون، جنهن جي پهري لاءِ هن هڪ ٺُلهہ بہ ٺهرايو. هن اتي رس ڪڍڻ جو هڪڙو چيچڙو بہ بڻايو. پوءِ هو انتظار ڪرڻ لڳو تہ باغ ۾ عمدا انگور ٿين. پر انهيءَ ۾ رڳو کٽا انگور پيدا ٿيا.


اهو محبوب قادرِمطلق خداوند آهي، ۽ سندس اهو انگورن وارو باغ بني اسرائيل آهي، جنهن جون وڻندڙ وليون بني يهوداہ آهن. خداوند انصاف جي اميد رکي پر ڇا ڏسي تہ اتي خونريزي ئي خونريزي آهي. هن حق سچ جي اميد رکي پر ڇا ڏسي تہ اتي مظلومن جي دانهن ۽ ڪوڪ آهي.


تنهنجي سرزمين تي وري ظلم، ۽ زبردستيءَ جو آواز بہ ٻڌڻ ۾ نہ ايندو، نڪي تنهنجي سرحدن ۾ تباهي ۽ برباديءَ جي ڳالهہ ٻڌڻ ۾ ايندي. پوءِ تنهنجي ڀتين کي ’خداوند جو بچاءُ‘ سڏيو ويندو، ۽ تنهنجي دروازن کي ’خداوند جي واکاڻ‘ چيو ويندو.


تنهنجا سڀيئي ماڻهو سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، ۽ هميشہ لاءِ ملڪ جا وارث ٿي رهندا. اهي منهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن، جن کي مون پوکيل وڻ وانگر ملڪ ۾ ڄمائي ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن مان منهنجي عظمت ظاهر ٿئي.


جيڪڏهن ڪنهن ٻئي وقت آءٌ اهو اعلان ڪريان تہ ڪا قوم يا ڪا حڪومت ٺهڻي ۽ قائم ٿيڻي آهي،


آءٌ هنن تي چڱائيءَ جي نظر ڪندس ۽ موٽائي کين هن ملڪ ۾ آڻيندس. آءٌ هنن کي نہ ڊاهيندس، نڪي پاڙان پٽيندس بلڪ کين اڏائيندس ۽ آباد ڪندس.


خداوند فرمايو تہ ”جڏهن اهي اڳڪٿيون پوريون ٿينديون، تڏهن هي قومون جيڪي بني اسرائيل جي آس‌پاس آهن ۽ جيڪي کانئن حقارت ٿا ڪن، سي وري ڪڏهن بہ بني اسرائيل لاءِ چڀندڙ ڪنڊو يا ايذائيندڙ ڪانڊيرو ڪونہ رهنديون. پوءِ هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ خداوند خدا آءٌ ئي آهيان.“


انهيءَ ڏينهن آءٌ جھنگلي جانورن، پکين ۽ سرندڙ جيتن کي حڪم ڪندس تہ اهي منهنجي قوم کي ڪوبہ نقصان نہ پهچائين. آءٌ سڄي اسرائيل ملڪ مان جنگ جا هٿيار نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندس. هائو، تيرڪمان توڙي تلوارون سڀيئي ناس ڪري ڇڏيندس. اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي قوم کي سندن ملڪ ۾ امن وَ امان سان رهڻ ڏيندس.


مطلب تہ آءٌ انهن کي وري سندن ملڪ ۾ آباد ڪندس، ۽ جيڪو ملڪ مون کين ڏنو آهي، تنهن مان هو اڳتي ڪڏهن بہ ڪڍيا نہ ويندا.“ خداوند اسان جي خدا جو اهو ئي فرمان آهي.


هو انهن جي اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو. ان کان پوءِ نہ موت رهندو، نڪو ماتم، نڪو روئڻ ۽ نہ وري ڪو سور رهندو، ڇاڪاڻ تہ اڳيون حالتون گذري ويون آهن.“


يابين بادشاهہ کي نو سؤ لوهہ جون جنگي گھوڙي گاڏيون هيون. هن ويهن سالن تائين بني اسرائيل سان ڏاڍي سختي ڪئي، تڏهن بني اسرائيل خداوند کي مدد لاءِ پڪاريو.


تڏهن فلستين جي خيمي‌گاهہ مان ٽي ٽوليون حملي ڪرڻ وارن جون نڪتيون، جن مان هڪڙي ٽوليءَ انهيءَ رستي ڏانهن رخ ڪيو، جيڪو سعال جي علائقي ۾ عفراہ شهر تائين ٿو وڃي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan