Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 6:2 - Muslim Sindhi Bible

2 هو انهن سڀني کي ساڻ ڪري يهوداہ جي بعلہ شهر ڏانهن روانو ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ اتان خدا جي عهد واري صندوق کڻي اچي، جيڪا قادرِمطلق خداوند جي نالي سان سڏبي آهي، جيڪو پردار آسماني مخلوق جي ٻن مجسمن جي وچ ۾ صندوق تي تخت‌نشين آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ دائود اُٿيو، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن سڀني سان گڏجي بعل يهوداہ مان روانو ٿيو، انهي لاءِ تہ اُتان خدا جي صندوق کڻي اچي، جا لشڪرن جي انهيءَ خداوند جي نالي سان سڏبي آهي، جو ڪروبين تي ويٺل آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 6:2
15 Iomraidhean Croise  

هو پردار آسماني مخلوق تي سوار ٿي اڏامندو آيو، هائو، هو واءُ جي بازن تي پرواز ڪندو آيو.


اي بني اسرائيل جا ڌنار! تون جيڪو ڌڻ وانگر اسان جي رهبري ڪرين ٿو، ۽ پردار آسماني مخلوق تي تخت‌نشين آهين، اسان جو فرياد ڪن ڏيئي ٻڌ. اسان کي پنهنجو جلال ڏيکار.


خداوند بادشاهہ آهي. هو پردار آسماني مخلوق تي تخت‌نشين آهي، سو سڀيئي قومون ڏڪن ٿيون، هائو، ڌرتيءَ کي ڪنبڻي آهي.


بيشڪ بني اسرائيل جو پاڪ معبود اسان جو ڇڏائيندڙ آهي، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي.


تنهنجو خالق ئي تنهنجو مڙس آهي، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي. هو تنهنجو بچائيندڙ ۽ بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهي، اهو ئي سڄيءَ دنيا جو حاڪم آهي.


انهيءَ کان علاوہ هي شهر هئا: قريت‌بعل يعني قريت‌يعريم ۽ ربہ، ڪل ٻہ شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت.


انهن نبين تي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ سندن اهي اڳڪٿيون هنن جي پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ هونديون هيون، جن جي پوري ٿيڻ جي ڄاڻ هاڻي اوهان کي انهن پيغام ٻڌائيندڙن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي. هي ڳالهيون اهڙيون تہ دلچسپ آهن جو ملائڪ بہ انهن کي وڏي چاهہ سان ڏسن ٿا.


سو انهن سيلا شهر ڏانهن ماڻهو موڪليا جيڪي اُتان اها عهد واري صندوق، جنهن تي پردار آسماني مخلوق جي مجسمن جي وچ ۾ قادرِمطلق خداوند تخت‌نشين هو، سا کڻي آيا. عيليءَ جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس خدا جي عهد واري صندوق سان گڏ هئا.


سو هنن قريت‌يعريم جي رهاڪن ڏانهن قاصد موڪلي چوايو تہ ”فلستي خداوند جي عهد واري صندوق موٽائي کڻي آيا آهن. تنهنڪري اوهين اچو ۽ اها پاڻ وٽ کڻي وڃو.“


تڏهن قريت‌يعريم جا ماڻهو آيا ۽ خداوند جي عهد واري صندوق کي کڻي وڃي ابينداب جي گھر ۾ رکيائون، جيڪو ٽڪريءَ تي هو. هنن سندس پٽ اليعزر کي خداوند جي عهد واري صندوق جي سنڀال ڪرڻ لاءِ ڪاهن طور مخصوص ڪيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan