Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 5:7 - Muslim Sindhi Bible

7 انهيءَ هوندي بہ دائود صيئون جو اهو مضبوط قلعو يعني يروشلم قبضي ڪري ورتو، جيڪو بعد ۾ ”دائود جو شهر“ سڏجڻ لڳو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 انهيءَ هوندي بہ دائود صيون جو قلعو ورتو؛ ۽ اهو ئي دائود جو شهر آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 5:7
27 Iomraidhean Croise  

دائود انهيءَ ڏينهن چيو تہ ”جيڪو بہ يبوسين کي مارڻ وڃي سو ڀلي تہ هيٺان نهر جي رستي چڙهي اندر وڃي انهن انڌن ۽ منڊن کي ماري، جيڪي منهنجي جان جا دشمن آهن.“ انهيءَ سبب اها چوڻي مشهور ٿي تہ ”انڌا ۽ منڊا گھر ۾ اچي ڪين سگھندا.“


پوءِ دائود انهيءَ شهر يروشلم ۾ رهڻ لڳو ۽ انهيءَ جو نالو ”دائود جو شهر“ رکيائين. هن دڙي جي چوڌاري ڀت تائين انهيءَ شهر کي وڌايو.


سو دائود خداوند جي عهد واري صندوق کي پنهنجي شهر يروشلم ۾ رکڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو، بلڪ رستي کان ڦري اها صندوق عوبيد‌ادوم جاتيءَ جي گھر کڻي ويو


جڏهن دائود بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ عوبيد‌ادوم جي گھراڻي ۽ ساڻس واسطو رکندڙ سڀني شين کي خداوند پنهنجي عهد واري صندوق جي ڪري برڪت عطا ڪئي آهي، تڏهن هو ويو ۽ عوبيد‌ادوم جي گھر مان خدا جي عهد واري صندوق خوشيون ملهائيندي پنهنجي شهر يروشلم ۾ کڻي آيو.


جيئن ئي خداوند جي عهد واري صندوق دائود جي شهر يروشلم ۾ آئي، تيئن ئي سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو ۽ جڏهن هن دائود بادشاهہ کي خداوند جي حضور ۾ نچندو ٽپندو ڏٺو تڏهن سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت ٿيڻ لڳي.


دائود وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان سُتو. کيس سندس ئي شهر ۾ دفن ڪيو ويو.


سليمان مصر جي بادشاهہ جي ڌيءَ سان شادي ڪري ساڻس مائٽي ڳنڍي. جيستائين سليمان پنهنجو محل ۽ هيڪل نہ جوڙائي ۽ يروشلم جي چوڌاري ڀت نہ تعمير ڪرائي، تيستائين انهيءَ زال کي پنهنجي پيءُ دائود جي شهر ۾ آڻي رهايائين.


پوءِ سليمان بادشاهہ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي سردارن ۽ گھراڻن جي وڏن کي پاڻ وٽ يروشلم ۾ سڏايو، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي عهد واري صندوق دائود جي شهر يعني صيئون مان هيڪل ۾ آندي وڃي.


جڏهن فرعون جي ڌيءَ دائود جي شهر مان نڪري پنهنجي انهيءَ گھر ۾ اچي رهڻ لڳي جيڪو سليمان سندس لاءِ تعمير ڪرايو هو، تڏهن سليمان هيٺاهين دڙي جي سنوت ڪرائي.


پوءِ دائود ان قلعي ۾ رهڻ لڳو، تنهنڪري اهو ”دائود جو شهر“ سڏجڻ لڳو.


کيس دائود جي شهر ۾ بادشاهن واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، انهيءَ لاءِ جو هن خدا ۽ سندس قوم ۽ هيڪل لاءِ چڱا ڪم ڪيا هئا.


تنهن کان پوءِ سليمان بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي سردارن ۽ گھراڻن جي وڏن کي گھرائي يروشلم ۾ پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن خداوند جي عهد واري صندوق دائود جي شهر صيئون مان کڻي هيڪل ۾ آڻجي.


چشمي واري دروازي جي اڏاوت مصفاہ ضلعي جي حاڪم سلوم ولد ڪل‌حوزہ ڪرائي. هن ان جي مٿان ڇت وجھرائي ۽ انهيءَ ۾ طاق، هڙڪيون ۽ گز بہ وجھرايا. هن بادشاهہ جي باغ کان وٺي ويندي دائود جي شهر واري ڏاڪڻ تائين شيلا جي تلاءَ واري ڀت جي مرمت پڻ ڪرائي.


بيشڪ خداوند صيئون کي چونڊي ڪڍيو آهي. هن انهيءَ کي پنهنجي رهڻ جي خاطر پسند ڪيو آهي،


هو کين چوي ٿو تہ ”مون تہ پنهنجي پاڪ جبل صيئون تي، پنهنجو ئي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“


اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين صيئون جو طواف ڪريو، انهيءَ جي آس‌پاس گھمو ڦرو، ۽ انهيءَ جي منارن کي بہ ڳڻي ڏسو.


انهيءَ شهر جي ڪوٽن اندر، خدا پاڻ کي جاءِ‌پناهہ ثابت ڪيو آهي.


اي خدا! پنهنجي ڪرم سان صيئون کي خوشحال ڪر، ۽ سندس ڪوٽ کي نئين سر تعمير ڪر.


بني اسرائيل جي سڀني رهڻ وارين جاين کان خداوند کي يروشلم جو شهر وڌيڪ پيارو آهي.


اي ايمان وارؤ! خداوند جي واکاڻ ڳايو، جيڪو صيئون منجھہ رهي ٿو. اوهين سڀني قومن کي سندس ڪم بيان ڪري ٻڌايو.


اي صيئون جبل جا رهاڪؤ! خوشيءَ منجھان نعرا هڻو ۽ واکاڻ ڳايو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل جو پاڪ معبود جيڪو عظيم آهي، سو اوهان منجھہ ٿو رهي.“


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل! آءٌ يروشلم ۾ اوهان جي بچاءَ لاءِ ايندس ۽ انهن سڀني ماڻهن کي ڇڏائيندس، جيڪي پنهنجن گناهن کان پشيمان آهن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! اوهين جيڪي جبل جي چوٽيءَ تي رهو ٿا ۽ هيٺ ماٿرين ڏانهن نهاري سمجھو ٿا تہ اوهين محفوظ آهيو. سو اوهين چئو ٿا تہ ’ڪير اسان تي ڪاهہ ڪري ايندو؟ ڪير اسان جي گھرن ۾ گھڙندو؟‘ پر ياد رکو، آءٌ اوهان جي خلاف آهيان.


اهي قومون ائين چونديون اينديون تہ ”هلو تہ خداوند جي جبل ڏانهن هلون، يعني بني يعقوب جي خدا جي گھر ڏانهن. هو اسان کي پنهنجي واٽ تي هلڻ سيکاريندو، تان‌تہ اسين سندس انهيءَ ٻڌايل واٽ تي هلون، ڇاڪاڻ تہ صيئون تان ئي خداوند جي شريعت جاري ڪئي ويندي. هائو، انهيءَ تي اڏيل شهر يروشلم مان سندس فرمان ظاهر ٿيندو.“


اهو پٿر عيسيٰ آهي، جنهن بابت خدا پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني هڪ ڇپ رکي ڇڏيان ٿو، جيڪا ٿاٻو کائڻ جو سبب بڻبي، پر جيڪو هن تي ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“


ڏسو، اوهين سينا جبل وٽ اچڻ وارن جيان نہ، پر صيئون جبل تي زندہ خدا جي شهر وارن جيان خدا جي حضور ۾ آيا آهيو. اتي آسماني يروشلم وٽ جشن ملهائيندڙ بي‌شمار ملائڪن جي محفل آهي.


پوءِ مون نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ گھيٽڙو صيئون جبل تي بيٺو آهي! ساڻس گڏ هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهو آهن، جن جي پيشانين تي هن جو ۽ سندس پيءُ جو نالو لکيل آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan