Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 5:2 - Muslim Sindhi Bible

2 گذريل ڏينهن ۾ جڏهن سائول اسان جو بادشاهہ هو، تڏهن بہ تون ئي جنگين ۾ بني اسرائيل جي اڳواڻي ڪندو هئين. تڏهن خداوند تو کي چيو تہ ’تون منهنجي قوم بني اسرائيل جي نگهباني ڪندين ۽ انهن جو بادشاهہ ٿيندين.‘“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 گذريل ڏينهن ۾ جڏهن سائول اسان جي مٿان بادشاهہ هوندو هو تڏهن تون ئي اسرائيل کي اندر ٻاهر وٺي ايندو هئين: ۽ خداوند توکي چيو تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي سنڀال ڪندين، ۽ اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ٿيندين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 5:2
27 Iomraidhean Croise  

پر ڏس، انهن دشمنن تي هنن جا تيرڪمان غالب ايندا، ڇوجو مون يعقوب جي قادر هٿان کين طاقت عطا ٿيندي. هائو، کين انهيءَ ريڍار کان قوت ملندي، جيڪو بني اسرائيل جو محافظ آهي.


دائود ميڪل کي وراڻيو تہ ”منهنجو اهو حال خداوند جي آڏو هو، جنهن تنهنجي پيءُ ۽ سندس سڄي گھراڻي جي مقابلي ۾ مون کي پسند ڪيو ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي مٿان مون کي بادشاهہ مقرر ڪيائين. تنهنڪري آءٌ خداوند جي آڏو ضرور نچندس ٽپندس.


جن جن جاين تي آءٌ بني اسرائيل سان گڏ هئس، اتي بني اسرائيل جي جن بہ رهبرن کي مون پنهنجي قوم بني اسرائيل جي رهبريءَ لاءِ مقرر پئي ڪيو، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ ڪڏهن ائين چيو اٿم ڇا تہ هنن منهنجي لاءِ ديال جي ڪاٺيءَ جو گھر ڇو نہ جوڙيو آهي؟‘


تنهنڪري اي ناتن! هاڻي تون منهنجي ٻانهي دائود کي مون قادرِمطلق خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’مون تو کي رڍن پٺيان هلندڙ ريڍار مان ڦيرائي پنهنجي قوم بني اسرائيل مٿان حاڪم مقرر ڪيو آهي.


”پوئتي موٽ ۽ منهنجي قوم جي اڳواڻ حزقياہ کي وڃي چئُہ تہ آءٌ خداوند، سندس ڏاڏي دائود جو خدا چوان ٿو تہ ’مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي ۽ تنهنجا ڳوڙها ڏٺا اٿم. تنهنڪري آءٌ تو کي شفا بخشيندس ۽ ٽئين ڏينهن تي تون هيڪل ۾ وڃي سگھندين.


گذريل ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ سائول بادشاهہ هو، تہ بہ اوهين ئي هئا جيڪي جنگ ۾ بني اسرائيل جي اڳواڻي ڪندا هئا. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن اوهان کي چيو هو تہ ’تون منهنجي قوم بني اسرائيل جي نگهباني ڪندين ۽ سندن بادشاهہ ٿيندين.‘“


سو هاڻي مون کي ڏاهپ ۽ علم عطا ڪر تہ جيئن آءٌ صحيح نموني انهن جي اڳواڻي ڪري سگھان، نہ تہ تنهنجي هيڏي ساري قوم جي مٿان آءٌ ڪيئن انصاف سان حڪمراني ڪري سگھندس؟“


هو ڌنار وانگر پنهنجي ڌڻ جي سار سنڀال لهندو. هو گھيٽڙن کي گڏ ڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي هلندو. انهن جي کير پيئاريندڙ مائرن کي هو آهستي آهستي پاڻ سان وٺي هلندو.


ڏسو، مون هن کي قومن جو اڳواڻ ۽ حڪمران مقرر ڪيو. هن جي وسيلي مون قومن کي پنهنجي قدرت ڏيکاري.


آءٌ پنهنجي ٻانهي دائود جي گھراڻي مان هڪڙو ڌنار اوهان تي مقرر ڪندس، جيڪو منهنجي ڌڻ جي چڱيءَ طرح سار سنڀال ڪندو.


تڏهن هو خداوند پنهنجي خدا جي قدرت ۽ سندس نالي جي عظمت سان هڪ ريڍار جيان پنهنجيءَ قوم جي سنڀال ڪندو. پوءِ خداوند جي قوم سلامتيءَ سان رهندي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ وقت سڄي ڌرتيءَ جا ماڻهو انهيءَ حڪمران جي عظمت کي ڄاڻي وٺندا.


جيڪو جنگ تي وڃڻ وقت ۽ موٽي اچڻ وقت هنن جي اڳيان هلي ۽ سندن اندر ٻاهر اچڻ وڃڻ ۾ سندن رهنمائي ڪري، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي قوم نڌڻڪين رڍن وانگر نہ ٿئي.“


’اي بيت‌لحم! يهوديہ جي ملڪ ۾، تون ڪنهن بہ طرح يهوديہ جي شهزادن مان ڪنهن کان بہ ننڍو نہ آهين، ڇاڪاڻ تہ تو منجھان هڪ حاڪم نڪرندو، جيڪو منهنجي قوم بني اسرائيل جي رهبري ڪندو.‘“


آءٌ چڱو ريڍار آهيان ۽ چڱو ريڍار رڍن لاءِ پنهنجي جان بہ ڏئي ٿو.


حقيقت ۾ خدا، جنهن جي لاءِ ۽ جنهن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آهن، تنهن کي اهو مناسب لڳو تہ گھڻن ٻارن کي عظمت ۾ داخل ڪرڻ لاءِ عيسيٰ کي تڪليفن جي وسيلي سندن ڇوٽڪاري جو ڪامل وسيلو بڻائي.


پر هاڻي تنهنجي بادشاهي قائم نہ رهندي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو حڪم خداوند تو کي ڏنو هو، تنهن تي تو عمل نہ ڪيو. سو خداوند هڪڙو اهڙو ماڻهو ڳولي ڪڍيو آهي، جيڪو سندس دلي خواهش موجب آهي، جنهن کي هن پنهنجيءَ قوم جو اڳواڻ مقرر ڪيو آهي.“


خداوند سموئيل کي چيو تہ ”تون ڪيستائين پيو سائول جي لاءِ افسوس ڪندين؟ جڏهن تہ مون پاڻ هن کان بني اسرائيل جي بادشاهي کسي ورتي آهي. سو هاڻي تون هڪڙي سڱ ۾ زيتون جو ڪجھہ تيل کڻ ۽ وڃ. آءٌ تو کي بيت‌لحم جي يسي نالي هڪڙي ماڻهوءَ ڏانهن موڪليان ٿو، ڇاڪاڻ تہ مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي طرفان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“


تنهنڪري سائول دائود کي پاڻ وٽان ڪڍي ڇڏيو ۽ کيس هڪ هزار سپاهين جو سالار مقرر ڪري ڇڏيائين. هو انهيءَ لشڪر جي اڳواڻي ڪندو هو.


پر يهوداہ ۽ ٻين بني اسرائيل وارن جا سڀيئي ماڻهو دائود کي پيار ڪندا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو سندن ڪاميابيءَ سان اڳواڻي ڪندو رهندو هو.


سائول جيڏانهن بہ دائود کي موڪليندو هو، اوڏانهن هو ويندو هو ۽ ڪامياب ٿي موٽي ايندو هو. انهيءَ ڪري سائول کيس فوج ۾ هڪ اعليٰ رتبو ڏنو. اها ڳالهہ سڀني ماڻهن ۽ سائول جي سالارن کي پسند آئي.


آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ اوهان جي هن ٻانهيءَ کي ڪجھہ وڌيڪ ڳالهائڻ جي خطا جي معافي ڏني وڃي. جيئن تہ منهنجو آقا خداوند لاءِ جنگيون ٿو ڪري، سو يقيناً خداوند منهنجي آقا جي گھراڻي کي جٽادار بادشاهي ڏيندو، ۽ سڄيءَ عمر ۾ توهان کان ڪابہ برائي ڪين ٿيندي.


جڏهن خداوند منهنجي آقا کي اهي چڱيون شيون عطا ڪندو، جن بابت توهان سان واعدو ڪيو اٿائين ۽ توهان کي بني اسرائيل مٿان بادشاهہ مقرر ڪندو،


”سڀاڻي هن وقت ڌاري آءٌ بنيامين جي ملڪ مان هڪڙو ماڻهو تو ڏانهن موڪليندس. تون انهيءَ کي منهنجيءَ قوم بني اسرائيل جي مٿان اڳواڻ ٿيڻ لاءِ تيل سان مسح ڪجانءِ. هو منهنجيءَ قوم کي فلستين جي هٿان ڇڏائيندو، ڇاڪاڻ تہ مون پنهنجيءَ قوم تي آيل مصيبت ڏسندي سندن دانهن ٻڌي آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan