Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 5:1 - Muslim Sindhi Bible

1 تنهن کان پوءِ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان ماڻهو حبرون ۾ دائود وٽ آيا ۽ کيس چوڻ لڳا تہ ”ڏس، اسين تنهنجو هڏ رت آهيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 تنهن کان پوءِ اسرائيل جا سڀ فرقا حبرون ۾ دائود وٽ اچي چوڻ لڳا تہ ڏس، اسين تنهنجو هڏ ۽ تنهنجو ماس آهيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 5:1
13 Iomraidhean Croise  

تڏهن لابن چيس تہ ”بيشڪ تون منهنجو هڏ ۽ ماس آهين.“ سو يعقوب اهو مهينو وٽس رهي پيو.


جنهن صورت ۾ اوهين تہ بادشاهہ جا پنهنجا ۽ سندس هڏ رت آهيو، تہ پوءِ ڇو اوهين کيس موٽائي آڻڻ ۾ پٺتي پئجي ويا آهيو؟“


دائود هنن جي هٿان عماسا کي بہ چوائي موڪليو تہ ”تون منهنجو هڏ رت ناهين ڇا؟ سو هاڻي کان آءٌ پنهنجي اڳيان تو کي يوآب جي بدران هميشہ جي لاءِ فوج جو سپهہ‌سالار بڻايان ٿو. جيڪڏهن آءٌ ائين نہ ڪريان تہ شل خدا مون سان ائين ئي بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪري.“


دائود جي انهن ڳالهين بني يهوداہ جي سڀني ماڻهن جون دليون پاڻ ڏانهن اهڙيون تہ موڙي ڇڏيون، جو هنن ڏانهس چوائي موڪليو تہ ”تون پنهنجي سڄي اٽالي سميت موٽي اچ.“


تڏهن بني يهوداہ جي ماڻهن کي ٻين بني اسرائيل وارن ماڻهن ورندي ڏيئي چيو تہ ”اسان جا ڏهہ قبيلا هئڻ ڪري دائود بادشاهہ تي اوهان کان وڌيڪ اسان جو حق آهي، تڏهن اوهان ڇو اسان کي حقير سمجھيو، جو اسان جي بادشاهہ کي موٽائي آڻڻ ۾ اوهان پهريائين اسان کان صلاح نہ ورتي؟“ پر بني يهوداہ جي ماڻهن ٻين بني اسرائيل وارن ماڻهن کي وڌيڪ سختيءَ سان جواب ٿي ڏنا.


تڏهن يوآب ۽ سندس ماڻهن عساهيل کي کڻي بيت‌لحم ۾ سندس پيءُ جي قبرستان ۾ آڻي دفن ڪيو. پوءِ اهي سڄي رات پنڌ ڪندا پرهہ ڦٽيءَ مهل اچي حبرون شهر ۾ پهتا.


ڇاڪاڻ تہ اها سندس بدن آهي ۽ اسين انهيءَ بدن جا عضوا آهيون.


تہ پوءِ اوهين هر حالت ۾ رڳو اهڙي شخص کي پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر ڪجو، جنهن کي خداوند اوهان جو خدا چونڊي. اوهين پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن منجھان ئي ڪنهن کي پنهنجي مٿان بادشاهہ بڻائجو، ڪوبہ ڌاريو ماڻهو جيڪو اوهان جي قوم بني اسرائيل جو نہ آهي، تنهن کي پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر نہ ڪجو.


سو جيئن اهي ٻار انسان آهن، تيئن عيسيٰ پاڻ بہ انهن سان گڏ انهن وانگر بڻيو، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موت جي وسيلي موت تي اختيار رکندڙ يعني ابليس کي ناس ڪري.


تنهن کان پوءِ يشوع بني اسرائيل جي سڄي لشڪر سميت عجلون کان حبرون شهر ڏانهن ويو ۽ انهيءَ تي حملو ڪيائون.


”سڪم جي سڀني رهاڪن کان پڇي ڏسو تہ ڇا اوهان جي لاءِ اها ڳالهہ بهتر آهي تہ جِدعون جا سڀيئي يعني ستر ئي پٽ اوهان تي حڪومت ڪن يا اها ڳالهہ تہ هڪڙو ئي ماڻهو اوهان تي حڪومت ڪري؟ اهو پڻ ياد رکو تہ آءٌ اوهان جو هڏ رت آهيان.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan