Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 4:9 - Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن دائود ريڪاب ۽ سندس ڀاءُ بعنہ کي چيو تہ ”زندہ خداوند جو قسم، جنهن منهنجي روح کي سڀني تڪليفن کان بچايو آهي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ دائود رمون بيروتيءَ جي پٽن ريڪاب ۽ سندس ڀاءُ بعنہ کي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، جنهن منهنجي روح کي سڀني مصيبتن کان بچايو آهي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 4:9
14 Iomraidhean Croise  

سو شال هنن ڇوڪرن کي پنهنجي برڪت عطا ڪري! شل خداوند جو ملائڪ مون جيان کين هر مصيبت کان بچائي! شل منهنجو ۽ منهنجي پيءُ ڏاڏي اسحاق ۽ ابراهيم جو نالو هنن جي وسيلي قائم رهي، شل هو ڌرتيءَ تي وڌي راڄ ٿين!“


اشبوست وٽ ٻہ ماڻهو هئا جيڪي لشڪرن جا سالار هئا، هڪڙي جو نالو بعنہ ۽ ٻئي جو ريڪاب هو. اهي ٻئي رمون بيروتيءَ جا پٽ هئا، جيڪو بنيامين قبيلي مان هو. ان وقت بيروت شهر کي بنيامين قبيلي جو حصو شمار ٿي ڪيو ويو.


تڏهن بادشاهہ قسم کڻي چيو تہ ”زندہ خداوند جو قسم آهي، جنهن منهنجي جان کي هر مصيبت کان بچايو آهي،


هو ئي مون کي پاتال ۾ ڪرڻ کان بچائي ٿو. هو ئي مون کي دائمي شفقت ۽ رحمت جو تاج پارائي ٿو.


عداوت رکڻ وارن جي هٿان هن کين بچايو. هائو، سندن مصري دشمنن جي هٿان کين ڇڏايائين.


اوهين، جن کي خداوند بچايو آهي سي ائين چوندا رهو، ڇاڪاڻ تہ هن اوهان کي اوهان جي دشمنن هٿان ڇڏايو آهي.


جڏهن خداوند جا تابعدار کيس مدد لاءِ پڪارين ٿا، تڏهن هو سندن ٻڌي ٿو، ۽ سڀني تڪليفن کان کين ڇڏائي ٿو وٺي.


خداوند پنهنجي ماڻهن جي جان بچائي ٿو وٺي. هائو، اهي ٻانها جيڪي سندس پناهہ ٿا وٺن، تن مان ڪوبہ ڏوهي قرار نہ ڏنو ويندو.


اي خدا! اچ، اچي منهنجي جان ڇڏاءِ، ۽ منهنجي دشمنن کان مون کي بچاءِ.


تو مون کي ڇڏايو آهي، سو آءٌ گيت ڳائيندي تنهنجي واکاڻ ڪندس. هائو، آءٌ دل وَ جان سان خوشيون ملهائي تنهنجي تعريف ڪندس.


اڄ جهڙيءَ طرح توهان جي حياتي منهنجي نظر ۾ قيمتي هئي، تهڙيءَ طرح شل منهنجي حياتي بہ خداوند جي نظر ۾ قيمتي هجي ۽ شل هو مون کي سڀني تڪليفن کان بچائي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan