Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 4:6 - Muslim Sindhi Bible

6-7 اتي هو ڪڻڪ وٺڻ جي بهاني سندس گھر ۾ اندر گھڙي آيا. ان وقت اشبوست پنهنجي ڪمري ۾ پلنگ تي ستو پيو هو، تہ کيس ڌڪ هڻي ماري وڌائون. پوءِ سندس سسي لاهي، اها کڻي ٻيئي ڀائر اتان ڀڄي نڪتا. هو سڄي رات ميدان واري رستي پنڌ ڪندا رهيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ اتي هو گهر جي وچ تائين هليا آيا، ڄڻ تہ ڪڻڪ وٺڻ آيا هئا: ۽ هن کي پيٽ ۾ ڌڪ هنيائون: پوءِ ريڪاب ۽ سندس ڀاءُ بعنہ ٻئي ڀڄي ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 4:6
5 Iomraidhean Croise  

پر عساهيل سندس پيڇو ڇڏڻ کان انڪار ڪيو. تڏهن ابنير نيزي جي پٺئين ڇيڙي سان هن کي پيٽ ۾ اهڙو ڌڪ هنيو جو نيزو منجھانئس لنگھي پٺيان نڪري ويو. هو اتي ئي ڪري پيو ۽ مري ويو. پوءِ جنهن هنڌ عساهيل مئو پيو هو، انهيءَ هنڌ جيڪي ماڻهو ايندا ٿي ويا سي ماٺ ڪري بيهندا ٿي ويا.


پر عماسا انهيءَ تلوار ڏانهن ڪوبہ ڌيان ڪونہ ڏنو جيڪا يوآب وري کڻي ڪري کاٻي هٿ ۾ جھلي. تڏهن هن اها عماسا جي پيٽ ۾ اهڙي تہ لنگھائي جو سندس آنڊا نڪري زمين تي اچي ڪريا. هو هڪدم مري ويو، سو يوآب مٿس ٻيو وار نہ ڪيو. پوءِ يوآب ۽ سندس ڀاءُ ابي‌شيءَ، سبع جو پيڇو جاري رکيو.


جڏهن ابنير حبرون ۾ موٽي آيو، تڏهن يوآب ساڻس اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائڻ جي بهاني کيس هڪ پاسي دروازي واري وچين حصي ۾ وٺي ويو ۽ اتي پنهنجي ڀاءُ عساهيل جي خون جي عيوض هن کي پيٽ ۾ خنجر هڻي ماري وڌائين.


اشبوست وٽ ٻہ ماڻهو هئا جيڪي لشڪرن جا سالار هئا، هڪڙي جو نالو بعنہ ۽ ٻئي جو ريڪاب هو. اهي ٻئي رمون بيروتيءَ جا پٽ هئا، جيڪو بنيامين قبيلي مان هو. ان وقت بيروت شهر کي بنيامين قبيلي جو حصو شمار ٿي ڪيو ويو.


جڏهن نوڪرن انتظار پئي ڪيو، تنهن وچ ۾ اهود ڀڄي نڪري ويو ۽ پٿر جي مورتين کان لنگھي سعيرت ۾ وڃي نڪتو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan