Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 4:12 - Muslim Sindhi Bible

12 پوءِ دائود پنهنجي جوانن کي حڪم ڏنو ۽ انهن هنن ٻنهي کي قتل ڪري ڇڏيو. سندن هٿ پير وڍي، حبرون جي ڍنڍ جي پاسي ۾ لٽڪائي ڇڏيائون. پر هنن اشبوست جي سسي کڻي حبرون ۾ انهيءَ هنڌ پوري ڇڏي، جتي ابنير دفن ٿيل هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 ۽ دائود پنهنجي جوان ماڻهن کي حڪم ڏنو ۽ انهن هنن کي قتل ڪيو، ۽ هنن جا هٿ پير وڍيائون، ۽ هنن کي حبرون جي ڍنڍ جي پاسي ۾ لٽڪائي ڇڏيائون. پر هنن اشبوست جي سسي کڻي حبرون ۾ ابنير جي قبر ۾ پوري ڇڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 4:12
8 Iomraidhean Croise  

پوءِ دائود پنهنجي جوانن مان هڪڙي کي سڏي چيو تہ ”ويجھو وڃي هن ماڻهوءَ تي حملو ڪر.“ سو هن انهيءَ کي ڌڪ هڻي ماري وڌو.


سائول جنهن جي جاءِ تي تو بادشاهي پئي ڪئي آهي، تنهن جي گھراڻي جو سمورو خون خداوند تو تي ئي آڻي وڌو آهي. سو خداوند بادشاهي تنهنجي پٽ ابي‌سلوم جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏي آهي ۽ تون پنهنجي بڇڙائيءَ ۾ پاڻ ڦاٿو آهين، ڇاڪاڻ تہ تون خوني آهين.“


هوڏانهن سائول جو سپهہ‌سالار ابنير ولد نير سائول جي پٽ اشبوست کي ساڻ ڪري ڀڄي وڃي اردن درياءَ جي اوڀر واري شهر محنايم ۾ آيو.


هنن ابنير کي حبرون ۾ آڻي دفن ڪيو. تڏهن ابنير جي قبر تي دائود بادشاهہ وڏي آواز سان رنو ۽ ٻين سڀني ماڻهن بہ ساڻس گڏ رنو.


پر تون بڇڙن کي برباديءَ جي کڏ ۾ ڪيرائيندين، تان‌تہ خوني ۽ ٺڳ ماڻهو پنهنجي اڌ عمر تائين بہ جيئرا نہ رهن. باقي اي خدا! منهنجي توڪل تو تي ئي آهي.


ڇاڪاڻ تہ جهڙيءَ طرح اوهين ٻين جا عيب اُگھاڙيندا، تهڙيءَ طرح خدا بہ اوهان جا عيب اُگھاڙيندو. هائو، جهڙي ماپي سان اوهين ٻين کي ماپي ڏيندا، ساڳي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan