Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 3:3 - Muslim Sindhi Bible

3 هن جو ٻيو پٽ ڪلياب هو جنهن جي ماءُ جو نالو ابيجيل هو ۽ اها نابال ڪرمليءَ جي بيوہ هئي. ٽيون پٽ ابي‌سلوم هئس جنهن جي ماءُ جو نالو معڪہ هو ۽ اها جسُور جي بادشاهہ تلميءَ جي ڌيءَ هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ هن جو ٻيو پٽ ڪلياب هو، جو ابيجيل مان هو، جا اڳي نابال ڪرمليءَ جي زال هئي: ۽ ٽيون ابيسلوم هو، جو معڪہ جو پٽ هو، جا جسور جي بادشاهہ تلميءَ جي ڌيءَ هئي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 3:3
22 Iomraidhean Croise  

دائود جي پٽ ابي‌سلوم کي هڪڙي خوبصورت ڀيڻ هئي، جنهن جو نالو تمر هو. ڪجھہ عرصي گذرڻ بعد هيئن ٿيو جو دائود جي ٻئي پٽ امنون جي پنهنجي انهيءَ ماٽيلي ڀيڻ سان عشق ٿي ويو.


پوءِ يوآب اٿيو ۽ جسُور شهر ڏانهن روانو ٿيو ۽ ابي‌سلوم کي يروشلم ۾ موٽائي وٺي آيو.


پر بادشاهہ چيو تہ ”هو ڀلي پنهنجي گھر وڃي، مگر منهنجي منهن نہ چڙهي.“ تنهنڪري ابي‌سلوم پنهنجي گھر هليو ويو ۽ بادشاهہ جي منهن نہ چڙهيو.


ابي‌سلوم يوآب کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جڏهن مون تو ڏانهن چوائي موڪليو تہ مون وٽ اچ، تڏهن تو اچڻ کان انڪار ڪيو. مون چاهيو ٿي تہ تو کي بادشاهہ ڏانهن موڪليان، جيئن تون کيس چوين تہ آءٌ جسُور کان ڇو آيو آهيان. انهيءَ کان چڱو هو تہ آءٌ اتي ئي هجان ها. تنهنڪري هاڻي تون مون کي بادشاهہ جي منهن چڙهڻ ڏي. پوءِ جيڪڏهن منهنجو ڪو قصور هجي تہ ڀلي هو مون کي ماري ڇڏي.“


چئن سالن گذرڻ کان پوءِ ابي‌سلوم بادشاهہ کي چيو تہ ”ڀلائي ڪري مون کي موڪل ڏيو تہ آءٌ حبرون ۾ وڃي خداوند وٽ باسيل باس ڏيئي اچان.


جڏهن آءٌ ارام ملڪ جي جسُور شهر ۾ رهندو هئس، تڏهن اوهان جي ٻانهي هڪڙي باس باسي هئي تہ جيڪڏهن خداوند مون کي وري يروشلم ۾ پهچائيندو تہ آءٌ خداوند جي عبادت ڪندس.“


تڏهن بادشاهہ جي حالت خراب ٿي ويئي. پوءِ هو انهيءَ ڪمري ڏانهن جيڪو دروازي جي مٿان هو، روئندو ويو ۽ هيئن چوندو ويو تہ ”او منهنجا پٽ ابي‌سلوم! هاءِ منهنجا پٽ! او منهنجا پٽ ابي‌سلوم! شل آءٌ تنهنجي بدران مران ها تہ چڱو هو. هاءِ منهنجا پٽ ابي‌سلوم! او منهنجا پٽ!“


تڏهن دائود پنهنجي ٻنهي زالن اخي‌نوعم، جا يزرعيل شهر جي هئي ۽ ٻي ابيجيل، جا نابال ڪرمليءَ جي بيوہ هئي، تن کي ساڻ ڪري اوڏانهن ويو.


هن چيس تہ ”تون تہ ڄاڻين ٿي تہ بادشاهت منهنجي هئي. سڄي بني اسرائيل قوم مون ڏانهن پئي ڏٺو تہ آءٌ بادشاهي ڪريان. پر معاملو ڦري ويو ۽ بادشاهت منهنجي ڀاءُ جي ٿي پيئي، ڇاڪاڻ تہ اها خداوند جي طرفان کيس ملي آهي.


دائود کي جيڪي پٽ حبرون ۾ ڄاوا سي هي هئا. پهريون پٽ امنون جيڪو کيس اخي‌نوعم يزرعيليءَ مان ڄائو. ٻيو دانيال جيڪو کيس ابيجيل ڪرمليءَ مان ڄائو.


ٽيون ابي‌سلوم جيڪو کيس جسُور جي بادشاهہ تلميءَ جي ڌيءَ معڪہ مان ڄائو. چوٿون، ادونياہ جيڪو کيس حجيت مان ڄائو.


منسيءَ جو اولاد يائير، جسُورين ۽ معڪاتين جي سرحد تائين ارجُوب جو سڄو علائقو ورتو. هن بسن جي ڪجھہ ڳوٺن کي پنهنجي نالي سان ”يائير جا ڳوٺ“ ڪري سڏيو، جيڪو نالو اڄ تائين هليو اچي.


پر بني اسرائيل جسُورين ۽ معڪاتين کي ڪونہ ڀڄائي ڪڍيو هو، تنهنڪري اهي اڄ ڏينهن تائين بني اسرائيل منجھہ رهندا اچن.


پوءِ ابيجيل تڪڙي ٿي اُٿي ۽ پنهنجي گڏهہ تي چڙهي ويٺي. ساڻس گڏ پنج ٻانهيون بہ هليون. اهڙيءَ طرح دائود جي قاصدن سان گڏجي رواني ٿي ۽ اچي دائود سان شادي ڪيائين.


انهيءَ عرصي ۾ دائود ۽ سندس ماڻهو نڪري جسُورين، جزرين ۽ عماليقين تي حملا ڪندا رهندا هئا، جيڪي قديم زماني کان وٺي شور واري رستي مصر جي سرحد تائين واري علائقي ۾ رهندا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan