Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 3:12 - Muslim Sindhi Bible

12 پوءِ ابنير دائود ڏانهن پنهنجا قاصد موڪليا، جيڪو ان وقت حبرون ۾ هو. هن کيس چوائي موڪليو تہ ”هن ملڪ تي ڪير حاڪم ٿيندو؟ تون مون سان معاهدو ڪر تہ آءٌ سڄي بني اسرائيل کي تنهنجي پاسي آڻڻ ۾ تنهنجي مدد ڪندس.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 ۽ ابنير پنهنجي طرفان دائود ڏي قاصد موڪليا، ۽ چوائي موڪليائين تہ هيءُ ملڪ ڪنهن جو آهي؟ ۽ هي بہ چوايائين تہ مون سان عهد ڪر ۽ ڏس، منهنجو هٿ تو سان ٿيندو، ۽ آءٌ ساري اسرائيل کي تنهنجي پاسي ڪندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 3:12
15 Iomraidhean Croise  

دائود جي انهن ڳالهين بني يهوداہ جي سڀني ماڻهن جون دليون پاڻ ڏانهن اهڙيون تہ موڙي ڇڏيون، جو هنن ڏانهس چوائي موڪليو تہ ”تون پنهنجي سڄي اٽالي سميت موٽي اچ.“


تڏهن بني اسرائيل جي اتر وارن قبيلن جا سمورا ماڻهو بادشاهہ وٽ آيا ۽ بادشاهہ کي چيائون تہ ”ڇو اسان جا قوم وارا، بني يهوداہ جا ماڻهو اوهان کي لڪ چوريءَ وٺي آيا آهن؟ هو ڇو بادشاهہ کي سندس گھراڻي ۽ سندس سڀني ماڻهن سميت اردن درياءُ پار ٽپائي وٺي آيا آهن؟“


تون انهن کي پيار ٿو ڪرين جيڪي تو کي ڌڪارين ٿا ۽ انهن کي ڌڪارين ٿو جيڪي تو کي پيار ٿا ڪن. اڄوڪي ڏينهن تو اهو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي تہ سالار توڙي تنهنجا سپاهي، تنهنجي اڳيان ڪجھہ بہ ڪين آهن، ڇاڪاڻ تہ اڄ آءٌ ڏسان ٿو تہ جيڪڏهن ابي‌سلوم جيئرو هجي ها ۽ اسين سڀ مري وڃون ها تہ جيڪر تون ڏاڍو خوش ٿئين ها.


تڏهن اشبوست ابنير کان ايترو تہ ڊڄي ويو جو هو سندس جواب ۾ هڪڙو اکر بہ ڪڇي ڪين سگھيو.


دائود وراڻي ڏنس تہ ”چڱو، آءٌ تو سان هڪڙيءَ شرط تي معاهدو ڪندس تہ جڏهن تون مون سان ملڻ ايندين، تڏهن سائول جي ڌيءَ ميڪل کي ضرور پاڻ سان مون وٽ آڻيندين.“


پوءِ ابنير دائود کي چيو تہ ”هاڻي آءٌ موٽي ويندس ۽ سڄي بني اسرائيل کي آڻي پنهنجي آقا بادشاهہ وٽ گڏ ڪندس، تہ جيئن اهي توهان سان عهد ڪن ۽ توهين انهن سڀني تي پنهنجي مرضيءَ موجب بادشاهي ڪريو.“ سو دائود ابنير کي روانو ڪيو ۽ هو سلامتيءَ سان هليو ويو.


جڏهن ابنير حبرون ۾ موٽي آيو، تڏهن يوآب ساڻس اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائڻ جي بهاني کيس هڪ پاسي دروازي واري وچين حصي ۾ وٺي ويو ۽ اتي پنهنجي ڀاءُ عساهيل جي خون جي عيوض هن کي پيٽ ۾ خنجر هڻي ماري وڌائين.


تڏهن بادشاهہ پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ اڄ بني اسرائيل ۾ هڪڙو سردار ۽ مکيہ ماڻهو قتل ٿي ويو آهي؟


سڀيئي انسان پوءِ ادنيٰ هجن توڙي اعليٰ، سي بي‌بقا ۽ رڳو ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن. جيڪڏهن اهي تارازيءَ ۾ توريا وڃن تہ بلڪل ئي هلڪا نڪرن. هائو، اهي سڀ جو سڀ هڪ ڦوڪ کان بہ هلڪا آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan