Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 3:1 - Muslim Sindhi Bible

1 سائول جي پٽ اشبوست ۽ دائود جي وچ ۾ گھڻي عرصي تائين جنگيون هلنديون رهيون. ان دوران دائود ڏينهون ڏينهن ويو زور وٺندو، جڏهن تہ اشبوست ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندو ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 هاڻي سائول جي گهراڻي ۽ دائود جي گهراڻي جي وچ ۾ گهڻي مدت تائين جنگ پئي هلي، ۽ دائود زور وارو ٿيندو ويو، پر سائول جو گهراڻو ضعيف ٿيندو ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 3:1
26 Iomraidhean Croise  

آءٌ تنهنجي ۽ عورت جي وچ ۾ دشمني وجھندس. تنهنجي نسل ۽ عورت جي نسل ۾ هميشہ دشمني رهندي. عورت جو نسل تنهنجي منڍي چٿيندو ۽ تون هن جي کُڙي ڏنگيندين.“


پوءِ انهيءَ ڏينهن ڏاڍي سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ ابنير ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن دائود جي ماڻهن هٿان شڪست کاڌي.


پوءِ يوآب نفيل وڄائي تہ يهوداہ جا سڀيئي ماڻهو بس ڪري بيهي رهيا ۽ وڌيڪ ٻين بني اسرائيل وارن جي پٺيان نہ پيا ۽ نہ وري انهن سان وڙهيا.


اي خداوند! تو مون کي نہ رڳو منهنجي قوم جي جھيڙن کان بچايو آهي، بلڪ غير قومن جو بہ سردار بڻائي ڇڏيو اٿيئي. هائو، جن کي مون ڄاتو بہ نہ ٿي سي منهنجي تابع ٿيا آهن.


جڏهن سائول جي پٽ اشبوست ۽ دائود جي وچ ۾ جنگيون هلي رهيون هيون، تڏهن سائول جي گھراڻي جي لشڪر ۾ ابنير جو اثر وڌندو ويو.


دائود جيئن پوءِ تيئن زور وٺندو ويو، ڇاڪاڻ تہ خداوند قادرِمطلق خدا ساڻس هو.


رحبعام ۽ يربعام جي وچ ۾ هميشہ جنگ پيئي هلندي هئي.


آسا ۽ اسرائيل جي بادشاهہ بعشا ۾ سندن بادشاهيءَ دوران جنگ پئي هلي.


يهوداہ جي بادشاهہ آسا ۽ اسرائيل جي بادشاهہ بعشا جي وچ ۾ سڄي حياتي جنگ هلندي رهي.


دائود وڌندو ۽ زور وٺندو ويو، ڇاڪاڻ تہ قادرِمطلق خداوند ساڻس هو.


دائود کي جيڪي پٽ حبرون ۾ ڄاوا سي هي هئا. پهريون پٽ امنون جيڪو کيس اخي‌نوعم يزرعيليءَ مان ڄائو. ٻيو دانيال جيڪو کيس ابيجيل ڪرمليءَ مان ڄائو.


هامان پنهنجي زال زرش ۽ پنهنجي سڀني دوستن کي اُهو سڀ ڪُجھہ ٻڌايو جيڪو ساڻس ٿي گذريو هو. تڏهن سندس صلاحڪارن ۽ سندس زال زرش کيس چيو تہ ”جيئن تہ مردڪئي، جنهن جي اڳيان تون پاڻ کي گھٽ سمجھڻ لڳو آهين، سو يهودي نسل جو آهي، سو تون هن سان مقابلو نہ ڪري سگھندين. تون يقيناً برباد ٿي ويندين.“


جيئن تہ مردڪئي شاهي محل ۾ وڏي مان ۽ مرتبي وارو سمجھيو ويندو هو ۽ هن جو ناموس سڀني صوبن ۾ پکڙجي ويو هو، سو هو وڌ کان وڌ طاقتور ٿيندو ويو.


سو سچار ماڻهو منهنجي حالت کان ڊڄي پنهنجي راهہ تي پختا رهن ٿا، هائو، جن جا هٿ صاف آهن سي وڌيڪ مضبوط ٿيندا وڃن ٿا.


ايتري قدر جو جيتوڻيڪ شروعات ۾ تو وٽ ٿورو ڪجھہ هو، تہ بہ پڇاڙيءَ ۾ تو وٽ تمام گھڻو هوندو.


اي خداوند! تو مون کي نہ رڳو منهنجي قوم جي جھيڙن کان بچايو آهي، بلڪ غير قومن جو بہ سردار بڻائي ڇڏيو اٿيئي. هائو، جن کي مون ڄاتو بہ نہ ٿي سي منهنجي تابع ٿيا آهن.


هو پوريءَ دنيا ۾ جنگيون بند ڪري ڇڏي ٿو. هائو، هو تيرڪمان ڀڃي ڇڏي ٿو، ڀالن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي ٿو، ۽ ڍالن کي پڻ باهہ ۾ ساڙي ڇڏي ٿو.


هلندي هلندي سندن طاقت جيئن پوءِ تيئن وڌندي وڃي ٿي. بيشڪ اهي صيئون ۾ پهچي تو معبودن جي معبود جو ديدار ڪندا.


ڇاڪاڻ تہ انساني فطرت پاڪ روح جي برخلاف خواهش ڪري ٿي ۽ پاڪ روح انساني فطرت جي برخلاف. هي ٻئي هڪٻئي جا دشمن آهن. انهيءَ ڪري جيڪي اوهين ڪرڻ چاهيو ٿا سو نہ ٿا ڪريو.


ياد رکو تہ اسان جي جنگ انسانذات سان نہ، پر هن دنيا تي ڇانيل اونداهيءَ وارين طاقتن، اختياريءَ وارن ۽ حاڪمن سان ۽ ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ بڇڙن روحن جي لشڪرن سان آهي.


تڏهن ڇا ڏسان تہ هڪڙو اڇو گھوڙو بيٺو آهي! ان جي سوار وٽ تيرڪمان هو ۽ کيس هڪڙو تاج پارايو ويو. ائين هو فاتح جي حيثيت ۾ فتح حاصل ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan