Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 24:6 - Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ جِلعاد علائقي ۾ پهتا، جتان تحتيم‌حتيءَ جي علائقي ۾ آيا. پوءِ هو دان‌يعن کان ڦيرو ڪري صيدا ڏانهن آيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 پوءِ هو جلعاد ۾ ۽ تحتيم‑حدسيءَ جي زمين ۾ آيا؛ ۽ هو دان‑يعن کان ڦيرو ڪري صيدا ۾ آيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 24:6
10 Iomraidhean Croise  

ڪنعان کي پهريون پٽ صيدا ڄائو ۽ پوءِ حِت.


سو هو پنهنجو سڀ ڪجھہ کڻي ڀڄي ويو ۽ فرات ندي ٽپي جِلعاد جبل ڏانهن رخ ڪيائين.


روبن ۽ جد قبيلي وارن وٽ چوپايو مال تمام گھڻو هو. سو جڏهن انهن يعزير ۽ جِلعاد جي زمين تي نظر ڪئي تہ ڏٺائون تہ اهو هنڌ چوپائي مال جي لاءِ نهايت سٺو آهي،


منسيءَ جي پٽ مڪير جي اولاد جِلعاد علائقي تي وڃي قبضو ڪيو ۽ جيڪي اموري اتي رهندا هئا تن کي ڀڄائي ڪڍيائون.


پوءِ خداوند انهن کي بني اسرائيل جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو ۽ بني اسرائيل انهن کي ماريندا ويا ۽ اتر ۾ وڏي صيدا، مسرفات‌المائم ۽ اوڀر ۾ مصفاہ جي ماٿريءَ تائين انهن جو پيڇو ڪيائون، تان جو انهن مان ڪوبہ جيئرو نہ بچيو.


عبرون، رحوب، حمون، قاناہ جي برساتي نهر ۽ وڏي صيدا تائين ويئي.


جيئن تہ بني دان کي پنهنجو علائقو پنهنجي هٿ هيٺ رکڻ ڏکيو هو، تنهنڪري هنن اتر ۾ ليس شهر تي وڃي حملو ڪيو. اتي جي رهندڙن کي تلوار سان ماري، انهيءَ تي قبضو ڪيائون. پوءِ هو ليس ۾ ئي آباد ٿيا ۽ انهيءَ جو نالو بدلائي پنهنجي ابي ڏاڏي جي نالي پٺيان دان رکيائون.


آشر قبيلي وارن بہ شهر عڪو، صيدا، احلاب، اڪزيب، حلبہ، افيق ۽ رحوب ۾ رهندڙ ماڻهن کي هڪالي نہ ڪڍيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan