Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 24:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تنهن تي يوآب بادشاهہ کي چيو تہ ”خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل اوهان جا ماڻهو وڌائي. جيترا هينئر آهن تنهن کان شل سؤ ڀيرا زيادہ ٿين ۽ شل منهنجو آقا بادشاهہ اهو ڏسي. پر منهنجي آقا بادشاهہ انهيءَ ڳالهہ جو ارادو ڇو ڪيو آهي؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ يوآب بادشاهہ کي چيو تہ هاڻي خداوند تنهنجو خدا شل تنهنجي قوم وڌائي جيتري هينئر هجي تنهن کان شل سؤ ڀيرا زيادہ ٿئي، ۽ شل منهنجو ڌڻي بادشاهہ انهيءَ کي ڏسي: پر منهنجو ڌڻي بادشاهہ اهو ڪم ڇو ٿو پسند ڪري؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 24:3
7 Iomraidhean Croise  

تون رڳو همت ٻڌُ، تہ اسين پنهنجي قوم ۽ پنهنجي خدا جي شهرن لاءِ بهادري ڏيکاريون. پوءِ جيئن خداوند کي وڻي تيئن ئي ٿيندو.“


تنهن هوندي بہ بادشاهہ جي ڳالهہ يوآب ۽ لشڪر جي سالارن کي مڃڻي پيئي. سو اهي سندس حضور مان نڪري بني اسرائيل جي قوم جو شمار ڪرڻ لاءِ روانا ٿيا.


سو هر ڪو هڪٻئي کي هيئن دعا ڪري تہ ”خداوند شال اوهان کي گھڻو وڌائي! هائو، شال خداوند اوهان کي ۽ اوهان جي اولاد کي بہ وڌائي!


عوام جي گھڻائي ئي بادشاهہ جو شان آهي، باقي بنا عوام جي بادشاهہ جو ڪهڙو شان؟


انهن سڀني کي تون پاڻ وٽ ڏسي بيحد خوش ٿيندينءَ، ۽ خوشيءَ وچان تنهنجي دل ڌڙڪڻ لڳندي. قومن جي دولت پڻ تو وٽ آندي ويندي، هائو، سمنڊ رستي خزانا تو ڏانهن ايندا.


شل خداوند، اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي انهيءَ کان بہ هزار ڀيرا وڌائي ۽ جيئن هن اوهان سان واعدو ڪيو آهي تيئن اوهان کي برڪت ڏئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan