2.سموئيل 24:12 - Muslim Sindhi Bible12 ”وڃي دائود کي منهنجو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’آءٌ خداوند تنهنجي اڳيان ٽي آفتون رکان ٿو، انهن مان هڪڙي چونڊي کڻ تہ اها آءٌ تو تي نازل ڪريان.‘“ Faic an caibideilSindhi Bible12 وڃي دائود کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آءٌ توکي ٽي شيون ٿو آڇيان؛ انهن مان هڪڙي چونڊي کڻ تہ آءٌ توسان ائين ڪريان. Faic an caibideil |
تڏهن جاد دائود وٽ آيو ۽ کيس خداوند جو فرمان ٻڌايائين. پوءِ کانئس پڇيائين تہ ”ڇا اوهان جي ملڪ ۾ ٽن سالن تائين ڏڪار پوي؟ يا اوهين ٽن مهينن تائين پنهنجي دشمنن کان ڀڄندا رهو ۽ هو اوهان جو پيڇو ڪندا رهن؟ يا اوهان جي ملڪ ۾ ٽن ڏينهن تائين وبا جي بيماري پوي؟ هاڻي اوهين دل ۾ ويچار ڪري ٻڌايو تہ جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن کي آءٌ ڪهڙو جواب ڏيان؟“