Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 24:10 - Muslim Sindhi Bible

10 پر ماڻهن جي شمار ڪرڻ کان پوءِ دائود جي دل بي‌چين ٿيڻ لڳي. سو هن خداوند کي چيو تہ ”جيڪي مون ڪيو آهي، سو هڪڙو وڏو گناهہ ڪيو اٿم. پر هاڻي اي خداوند! آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي ٻانهي جو گناهہ معاف ڪر، ڇاڪاڻ تہ مون هي ڏاڍو بي‌عقليءَ وارو ڪم ڪيو آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ماڻهن جي شمار ڪرڻ کان پوءِ دائود پشيمان ٿيڻ لڳو. ۽ دائود خداوند کي چيو تہ جيڪي مون ڪيو آهي تنهن ۾ مون وڏو گناهہ ڪيو آهي: پر هاڻي، اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي ٻانهي جو گناهہ معاف ڪر؛ ڇالاءِ جو مون ڏاڍو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 24:10
27 Iomraidhean Croise  

تڏهن دائود ناتن کي چيو تہ ”بيشڪ مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.“ ناتن دائود کي چيو تہ ”پوءِ خداوند بہ تنهنجو گناهہ معاف ڪري ڇڏيو، سو تون مرندين ڪين.


ان دوران دائود جڏهن ماڻهن کي مارڻ واري ملائڪ کي ڏٺو، تڏهن خداوند کي چيائين تہ ”ڏس، مون ئي گناهہ ڪيو آهي ۽ آءٌ ئي ڏنگي هلت هليو آهيان، پر هنن مسڪينن جو ڪهڙو قصور آهي؟ سو آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تنهنجو هٿ منهنجي ۽ منهنجي پيءُ جي گھراڻي جي ئي خلاف ٿئي.“


جڏهن تنهنجي قوم تنهنجو ڪو گناهہ ڪري ۽ انهيءَ سبب آسمان بند ٿي وڃي ۽ مينهن نہ پوي، تڏهن جيڪڏهن هو هن جاءِ ڏانهن منهن ڪري دعا گھرن ۽ تو کي مڃيندي پنهنجي مٿان آيل مصيبت جي ڪري پنهنجي گناهہ کان باز اچن،


انهيءَ حڪم مان خدا بہ خوش نہ هو، تنهنڪري خدا بني اسرائيل کي سزا ڏني.


پوءِ دائود خدا کي چيو تہ ”اهو ڪم ڪري مون وڏو گناهہ ڪيو آهي. هاڻي آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي هن ٻانهي جو گناهہ معاف ڪر. مون ڏاڍي بي‌عقلي ڪئي آهي.“


بيشڪ خداوند جون اکيون سڄيءَ زمين تي هيڏي هوڏي پيون ٿيون ڊوڙين، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي خدا سان وفادار آهن، تن جي پاران هو پنهنجي طاقت ڏيکاري. تو بي‌عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي، سو اڄ کان وٺي اڳتي تو کي جنگيون ڪندي گذارڻو پوندو.“


پوءِ حزقياہ ۽ يروشلم جا رهاڪو توبهہ‌تائب ٿيا، جنهنڪري خداوند حزقياہ جي ڏينهن ۾ انهن تان سزا ٽاري ڇڏي.


ڀلا جي تون منهنجو ڪو قصور سمجھين ٿو تہ اهو معاف ڇو نہ ٿو ڪرين؟ تون منهنجي هيءَ مصيبت مون تان ڇو نہ ٿو ٽارين؟ ڇاڪاڻ تہ منهنجي قبر ۾ وڃي پوڻ ۾ ڪا دير ڪانهي. هائو، آءٌ ائين گم ٿي ويندس، جو جڏهن تون مون ڏانهن نهاريندين، تہ آءٌ هوندس ئي ڪونہ.“


تڏهن مون سوچيو تہ ”آءٌ خداوند آڏو پنهنجي سڀني گناهن جو اقرار ڪندس.“ پوءِ مون تو وٽ پنهنجا گناهہ باسيا، ۽ تو کان پنهنجي ڪا بڇڙائي ڪين لڪايم. تڏهن تو منهنجي هر بڇڙائي مون کي معاف ڪري ڇڏي.


تڏهن فرعون جلدي موسيٰ ۽ هارون کي گھرائي چيو تہ ”بيشڪ آءٌ خداوند اوهان جي خدا جو ۽ اوهان جو ڏوهاري آهيان.


جيڪو پنهنجا گناهہ نہ ٿو باسي، سو زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ ڪامياب نہ ٿيندو. مگر جيڪو پنهنجا گناهہ قبول ڪندي انهن کان توبهہ‌تائب ٿئي ٿو، تنهن تي خدا پنهنجو رحم نازل ڪندو.


هائو، اوهين خداوند آڏو توبهہ ڪندي کيس هيئن چئو تہ ”اي خداوند! اسان جون سڀ خطائون معاف ڪر، ۽ اڳتي هلي اسين جيڪي نيڪيون ڪريون سي تون قبول ڪر. هاڻ اسين رڳو تنهنجي ئي واکاڻ ڪنداسون.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! تنهن هوندي بہ اڃا وقت آهي، جو اوهين پنهنجي پوريءَ دل سان، روزا رکندي، روئندي رڙندي ۽ پڇتائيندي مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو.“


تڏهن موسيٰ کي چيائين تہ ”اي منهنجا سائين! مهرباني ڪري اسان کان انهيءَ گناهہ جي سزا نہ لوڙاءِ جيڪو اسان بيعقليءَ جي ڪري ڪيو آهي.


زناڪاري، لالچ، بڇڙائي، ٺڳي، ڇڙواڳي، ڪينو، گلاخوري، مغروري ۽ بي‌وقوفي.


ٻئي ڏينهن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي خدا جو گھيٽڙو آهي، جيڪو دنيا جا گناهہ کڻي وڃي ٿو.


جڏهن شريعت جي عالمن ۽ فريسين اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن انهن مان پهريائين وڏا ۽ پوءِ ننڍا هڪڙو هڪڙو ٿي هليا ويا. پوءِ رڳو عيسيٰ وڃي رهيو ۽ اها عورت بيٺي رهي.


اي بي‌عقل نادانؤ! پنهنجي ڌڻيءَ کي اهو ئي عيوض ڏيندءُ ڇا؟ ڇا هو اوهان جو ابو ۽ خالق نہ آهي، جنهن اوهان کي هڪ قوم بڻائي قائم ڪيو آهي؟


ڏس، اسين ڪنهن وقت نادان، نافرمان، گمراهہ ۽ طرح طرح جي نفساني خواهشن ۽ عياشين جا غلام هئاسين. اسين بغض ۽ حسد جي حالت ۾ گذاريندا هئاسين، نفرت جي لائق هئاسين ۽ هڪٻئي سان بہ نفرت ڪندا هئاسين.


پر جيڪڏهن اسين پنهنجا گناهہ باسينداسين تہ خدا اسان جا گناهہ معاف ڪرڻ ۽ اسان کي سڄي بڇڙائيءَ کان پاڪ ڪرڻ وارو پنهنجو واعدو پاڙيندو، ڇاڪاڻ تہ هو سچو ۽ وفا ڪرڻ وارو آهي.


سموئيل سائول کي چيو تہ ”تو بي‌وقوفيءَ وارو ڪم ڪيو آهي. جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جي ڏنل حڪم تي پوريءَ طرح عمل ڪرين ها تہ اڄ خداوند تنهنجي بادشاهي بني اسرائيل تي هميشہ جي لاءِ قائم ڪري ڇڏي ها.


پر دائود جو ضمير کيس ملامت ڪرڻ لڳو، جو هن سائول جي جبي جو دامن ڪپي ڇڏيو هو.


تڏهن هن پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”خداوند شل ائين نہ ڪري جو آءٌ پنهنجي آقا تي هٿ کڻان جيڪو خداوند جو مسح ڪرايل بادشاهہ آهي ۽ جنهن کي خداوند پاڻ چونڊيو آهي.“


تڏهن سائول وراڻيو تہ ”مون گناهہ ڪيو آهي. اي منهنجا پٽ دائود! موٽي اچ. آءٌ تو کي اڳتي ڪڏهن بہ ڪو نقصان نہ پهچائيندس، ڇو تہ اڄوڪي ڏينهن تو منهنجي حياتيءَ کي قيمتي سمجھي مون کي جيئدان ڏنو آهي. بيشڪ مون بي‌وقوفيءَ جو ڪم ڪيو آهي ۽ ڏاڍي غلطي ڪئي اٿم.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan