2.سموئيل 24:1 - Muslim Sindhi Bible1 جڏهن تہ خداوند بني اسرائيل تي وري بہ ڏاڍو ڪاوڙيو. سو هن دائود کي انهن جي خلاف اڀاريو ۽ چيائينس تہ ”وڃي بني يهوداہ ۽ ٻين بني اسرائيل وارن جو شمار ڪر.“ Faic an caibideilSindhi Bible1 ۽ خداوند جي ڪاوڙ وري بہ اسرائيل تي ڀڙڪي ۽ انهيءَ دائود کي انهن جي برخلاف چوريو، ۽ چيائينس تہ وڃي اسرائيل ۽ يهوداہ جو شمار ڪر. Faic an caibideil |
سو اي منهنجا آقا بادشاهہ! هاڻي پنهنجي هن ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن توهان کي خداوند منهنجي خلاف کڙو ڪيو آهي تہ پوءِ منهنجي ڏوهہ کي معاف ڪرڻ لاءِ شل هو نذرانو قبول ڪري. پر جيڪڏهن اهو ڪن انسانن جو ڪم آهي تہ شل اهي خداوند جي آڏو لعنتي ٿين، ڇاڪاڻ تہ انهن مون کي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي قوم ۾ منهنجو ڪو حصو نہ رهي ۽ مون کي چون ٿا تہ ’وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪر.‘