Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 22:4 - Muslim Sindhi Bible

4 خداوند جيڪو تعريف جي لائق آهي، تنهن کي جڏهن پڪاريان ٿو، تڏهن آءٌ پنهنجي دشمنن کان بچايو ٿو وڃان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 آءٌ خداوند کي سڏيندس، جو تعريف جي لائق آهي: انهيءَ ڪري آءٌ پنهنجن دشمنن کان ڇٽي پوندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 22:4
20 Iomraidhean Croise  

جيئن ئي هنن ڳائڻ ۽ واکاڻ ڪرڻ شروع ڪئي، تيئن خداوند دشمنن جي لشڪر ۾ ٿرٿلو وجھي ڇڏيو ۽ هو هڪٻئي جي خلاف ٿي ويا.


پوءِ لاوين مان يشوع، قدمي‌ايل، باني، حسبنياہ، سريبياہ، هودياہ، سبنياہ ۽ فتحياہ چيو تہ ”اُٿي بيهو ۽ خدواند پنهنجي ابدي خدا جي واکاڻ ڪريو.“ تڏهن بني اسرائيل هيءَ دعا گھري تہ ”اي خداوند! شل تنهنجو عظمت وارو نالو سڳورو هجي، جيڪو هر تعريف ۽ واکاڻ کان اعليٰ آهي.


ڪير آهي جيڪو خداوند جي قدرت جي ڪمن جو بيان ڪري سگھي؟ ڪير آهي جيڪو هن جي پوري واکاڻ ڪري سگھي؟


آءٌ تہ اوتڻ وارو نذرانو کڻي خداوند آڏو پيش ڪندس، ۽ سندس شڪرانو بجا آڻيندس، ڇاڪاڻ تہ هن منهنجي جان بچائي آهي.


سو آءٌ تنهنجو نالو وٺي تنهنجي حضور ۾ شڪراني جو نذرانو پيش ڪندس.


جيئن تہ هن مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏنو آهي، سو آءٌ پنهنجي سڄي حياتي کيس پڪاريندو رهندس.


انهيءَ وقت مون خداوند کي پڪاريو هو تہ ”اي خداوند! آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي جان بچاءِ.“


خداوند جيڪو تعريف جي لائق آهي، تنهن کي جڏهن پڪاريان ٿو، تڏهن آءٌ پنهنجي دشمنن کان بچايو ٿو وڃان.


مون مسڪين خداوند آڏو فرياد ڪيو، ۽ خداوند منهنجي ٻڌي ورتي. هن منهنجي سڀني مصيبتن کان مون کي بچائي ورتو.


خداوند عظيم ۽ وڏيءَ ساراهہ جي لائق آهي. اسان جي خدا جو شهر، جيڪو سندس مقدس جبل تي آهي،


اوهين مصيبت جي ڏينهن تي مون کي پڪارجو، آءٌ ئي اوهان کي ڇڏائيندس تڏهن اوهين منهنجي واکاڻ ڪندا.“


پر آءٌ مدد جي لاءِ خداوند پنهنجي خدا کي پڪاريندس، ۽ اهو ئي مون کي بچائيندو.


آءٌ جڏهن تو کي پڪاريندس تہ منهنجا دشمن پوئتي هٽي ويندا. انهيءَ مان مون کي يقين ٿيندو تہ تون خدا منهنجي پاسي آهين.


اوهين سندس نالي جي عظمت جا گيت ڳايو، هائو، اوهين سندس شاندار واکاڻ بيان ڪريو.


ڇاڪاڻ تہ خداوند عظيم ۽ سڀني تعريفن جي لائق آهي. بيشڪ سڀني معبودن جي ڀيٽ ۾ خدا ئي تعظيم جي لائق آهي.


جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ خداوند جو نالو وٺي ٻاڏائيندو تنهن کي ڇوٽڪارو ملندو.“


”اي خداوند، اسان جا خدا! تون تعظيم، عزت ۽ قدرت جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون آهن. هائو، تنهنجي ئي مرضيءَ سان هر ڪا شيءِ پيدا ٿي ۽ وجود ۾ آئي آهي.“


اهي وڏي آواز سان چئي رهيا هئا تہ ”گھيٽڙو جيڪو ڪُٺو ويو آهي، سو ئي قدرت، دولت، حڪمت، طاقت، عزت، عظمت ۽ واکاڻ جي لائق آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan