Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 21:8 - Muslim Sindhi Bible

8-9 پر دائود بادشاهہ سائول جي ٻئي اولاد مان ستن ڄڻن کي پڪڙائي جِبعونين جي حوالي ڪيو. انهن ۾ سائول جا ٻہ پٽ ارموني ۽ مفيبوست هئا، جيڪي کيس سندس سريت رصفہ جنهن جي ماءُ اياہ هئي، تنهن مان ڄاوا هئا. باقي پنج ڄڻا سائول جي ڌيءَ ميرب جا پٽ هئا، جيڪي کيس عدري‌ايل ولد برزلي محولاتيءَ مان ڄاوا هئا. جِبعونين انهن کي جبل تي خداوند جي آڏو ڦاسيءَ تي چاڙهيو ۽ اهي ست ئي ڄڻا گڏ مئا. انهن کي جَوَن جي فصل لهڻ وارن ڏينهن جي شروعات ۾ قتل ڪيو ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 پر بادشاهہ اياہ جي ڌيءَ رصفہ جا ٻہ پٽ، جي سائول مان ڄاوا هئس، يعني ارموني ۽ مفيبوست، ۽ سائول جي ڌيءَ ميڪل جا پنج پٽ، جي هن عدري ايل بن برزلي محولاتيءَ مان ڄڻيا هئا، تن کي ورتو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 21:8
4 Iomraidhean Croise  

سائول جي رصفاہ نالي هڪڙي سريت هئي، جيڪا اياہ جي ڌيءَ هئي. هڪڙي ڏينهن سائول جي پٽ اشبوست ابنير کي چيو تہ ”تون منهنجي پيءُ جي سريت سان ڇو ستو آهين؟“


نمشيءَ جي پوٽي ييهوءَ کي پڻ مسح ڪري اسرائيل جو بادشاهہ مقرر ڪر ۽ ابيل محولاہ واري اليشع ولد شافاط کي مسح ڪر تہ هو تنهنجي جاءِ تي نبي ٿئي.


سائول جي پٽن جا نالا يونتن، اسوي ۽ ملڪيشوع هئا. کيس ٻہ ڌيئر هيون جن مان وڏيءَ جو نالو ميرب ۽ ننڍيءَ جو نالو ميڪل هو.


پر پوءِ شاديءَ وقت سائول پنهنجي ڌيءَ ميرب دائود سان پرڻائڻ بجاءِ اها عدري‌ايل محولاتيءَ کي پرڻائي ڏني.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan