Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 21:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تنهن جي اولاد مان ست ڄڻا اسان جي حوالي ڪيا وڃن، تہ انهن کي اسين انهيءَ جي ئي جِبعت شهر ۾، خداوند جي فيصلي موجب ڦاسي ڏيئي لٽڪايون.“ بادشاهہ کين چيو تہ ”آءٌ اهي اوهان جي حوالي ڪندس.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 تنهن جي پٽن مان ست ڄڻا اسان جي حوالي ڪيا وڃن تہ انهن کي اسين خداوند جي چونڊيل سائول جي جبعہ ۾، خداوند جي لاءِ ڦاسي ڏئي لڙڪايون. ۽ بادشاهہ چيو تہ آءٌ اهي ڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 21:6
22 Iomraidhean Croise  

ٽن ڏينهن جي اندر فرعون تنهنجي سسي لهرائي تو کي وڻ ۾ لٽڪائي ڇڏيندو ۽ پکي تنهنجو ماس تو مان پٽي کائيندا.“


پر وڏي نانوائيءَ کي جيئن يوسف کين تعبير ڪري ٻڌايو هو ڦاسيءَ تي چاڙهيائين.


اخيتفل جڏهن ڏٺو تہ سندس صلاح تي عمل نہ ڪيو ويو آهي، تڏهن هن پنهنجي گڏهہ تي آٿر رکيو ۽ اُٿي پنهنجي شهر ڏانهن روانو ٿيو. گھر پهچي پنهنجي گھر جي انتظام بابت وصيت ڪيائين. پوءِ پاڻ کي ڦاهي ڏيئي ماري ڇڏيائين ۽ کيس پنهنجي خانداني قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


سو هڪڙي ماڻهوءَ کيس ڏسي ورتو ۽ وڃي يوآب کي ٻڌايائين تہ ”مون ابي‌سلوم کي شاهہ‌بلوط جي هڪڙي وڻ ۾ لٽڪندو ڏٺو آهي.“


منهنجي پيءُ جو سڄو گھراڻو منهنجي آقا بادشاهہ جي اڳيان موت جي لائق هو. تنهن هوندي بہ اوهان پنهنجي ٻانهي کي انهن ماڻهن ۾ شامل ڪيو، جيڪي اوهان جي دسترخوان تي ماني ٿا کائين. تڏهن پوءِ مون کي ڪهڙو حق آهي جو آءٌ بادشاهہ وٽ دانهين ٿيان.“


انهن جوڌن جا سالار سماعہ جِبعاتيءَ جا پٽ اخيعزر ۽ يوآس هئا. اهي جوڌا هي هئا: عزماوت جا پٽ يزئيل ۽ فلط، تن کان علاوہ براڪ ۽ ييهو عنتوتي،


ٻيو تہ آءٌ حڪم ٿو ڏيان تہ جيڪڏهن ڪوبہ هن حڪم جي ابتڙ ڪندو تہ انهيءَ جي گھر مان هڪ شهتير ڪڍي ان جي چهنڀ ٺاهي کيس ان ۾ ٽُنبيو ويندو ۽ سندس گھر ڊاهي گند جو ڍير ڪيو ويندو.


اِهي يهودين جي دشمن هامان ولد همداتا جا ڏهہ پٽ هئا. پر يهودين ڦرلُٽ لاءِ پنهنجا هٿ ڪين وڌايا.


تنهن تي يهوداہ اهي پئسا هيڪل ۾ ئي ڦٽا ڪري هليو ويو ۽ وڃي پاڻ کي ڦاهو ڏنائين.


تڏهن هنن بادشاهہ جي گھُر ڪئي ۽ خدا بنيامين قبيلي مان قيش جي پٽ سائول کي سندن بادشاهہ مقرر ڪيو، جنهن چاليهن سالن تائين حڪومت ڪئي.


”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ اهڙو گناهہ ڪيو هجي جو کيس موت جي سزا ڏيڻ واجب هجي ۽ انهيءَ کي موت جي سزا ڏيئي وڻ تي لٽڪايو ويو هجي،


تنهن کان پوءِ يشوع انهن بادشاهن کي قتل ڪرايو ۽ سندن لاش پنجن وڻن تي لٽڪائي ڇڏرايائين. اهي شام تائين انهن وڻن تي لٽڪيا پيا هئا.


هن عئيءَ جي بادشاهہ کي وڻ ۾ ٽنگي ڦاسي ڏني ۽ انهيءَ جو لاش شام تائين اتي ٽنگيو پيو هو. سج لٿي مهل يشوع جي حڪم سان هنن انهيءَ جو لاش وڻ تان هيٺ لاهي شهر جي ٻاهرين دروازي جي منهن وٽ اڇلائي ڇڏيو. انهيءَ جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير ڪري ڇڏيائون جيڪو اڄ ڏينهن تائين اتي موجود آهي.


پوءِ سموئيل تيل جي دنگي کڻي سائول جي مٿي تي هاري ۽ کيس چمي ڏيئي چيائين تہ ”خداوند ئي تو کي تيل سان مسح ڪرائي مخصوص ڪيو آهي تہ جيئن تون سندس قوم بني اسرائيل جو حڪمران ٿئين. تون ئي خداوند جي قوم تي حڪمراني ڪندي کين آس‌پاس جي دشمنن کان بچائيندين. خداوند تو کي تيل سان مسح ڪرائي پنهنجي قوم جو حڪمران مقرر ڪيو آهي. تو لاءِ انهيءَ ڳالهہ جي نشاني هيءَ آهي تہ


تڏهن سموئيل سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين ڏسو ٿا تہ جنهن ماڻهوءَ کي خداوند چونڊيو آهي، تنهن جهڙو سڄيءَ قوم ۾ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“ تڏهن سڀني ماڻهن نعرو هڻي چيو تہ ”شل بادشاهہ سلامت رهي.“


سائول بہ جِبعت شهر ڏانهن پنهنجي گھر هليو ويو. اهي بهادر ماڻهو بہ ساڻس گڏ هليا جن جي دلين ۾ خدا جذبو وڌو هو.


جڏهن انهن جا قاصد جِبعت شهر ۾ اچي پهتا جتي سائول رهندو هو، تڏهن انهن ماڻهن کي اهي ڳالهيون ٻڌايائون جنهن تي سڀيئي ماڻهو رڙيون ڪري روئڻ لڳا.


تنهنڪري هاڻي خداوند جو قسم کڻي مون سان واعدو ڪر تہ مون کان پوءِ تون منهنجي نسل کي قتل نہ ڪندين ۽ منهنجي پيءُ جي گھراڻي مان منهنجو نالو مِٽائي نہ ڇڏيندين.“


تڏهن دائود سائول سان قسم کڻي واعدو ڪيو. پوءِ سائول گھر روانو ٿي ويو، جڏهن تہ دائود پنهنجي ماڻهن سميت چڙهي انهيءَ پهاڙي علائقي ۾ هليو ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan