2.سموئيل 21:2 - Muslim Sindhi Bible2 تڏهن دائود بادشاهہ جِبعونين کي گھرائي ساڻن ڳالهايو. اهي جِبعوني بني اسرائيل مان نہ هئا بلڪ اهي باقي بچيل امورين مان هئا ۽ بني اسرائيل هنن جي حفاظت ڪرڻ جو ساڻن قسم کڻي واعدو ڪيو هو. پر سائول بني يهوداہ ۽ باقي بني اسرائيل وارن جي جوش ۾ هنن سڀني کي قتل ڪرڻ ٿي گھريو. Faic an caibideilSindhi Bible2 تڏهن بادشاهہ جبعونين کي سڏي چيو؛ (هاڻي اهي جبعوني بني اسرائيل مان نہ هئا پر باقي بچيل امورين مان هئا؛ ۽ بني اسرائيل هنن سان قسم کنيو هو: ۽ سائول بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ جي جوش ۾ هنن کي قتل ڪرڻ ٿي گهريو:) Faic an caibideil |