Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 21:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن دائود وڃي جِلعاد علائقي جي يبيس شهر جي ماڻهن کان سائول ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا ورتا، جيڪي هنن بيت‌شان جي چونڪ مان چورايا هئا، جتي فلستين هنن کي انهيءَ ڏينهن ڦاسيءَ تي چاڙهيو هو جنهن ڏينهن سائول کي جِلبوعہ ۾ قتل ڪيو هئائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 ۽ دائود وڃي يبيس جلعاد جي ماڻهن کان سائول جا ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا ورتا، جي انهن بيت شان جي گهٽيءَ مان چورايا هئا؛ جنهن ڏينهن فلستين سائول کي جلبوعہ ۾ قتل ڪيو، انهيءَ ڏينهن فلستين انهن کي اُتي ڦاسيءَ تي چاڙهيو هو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 21:12
15 Iomraidhean Croise  

اي جِلبوعہ جا جبلؤ! اي موت جا پهاڙؤ! شل اوهان تي نہ ڪڏهن ماڪ پوي نہ وري مينهن وسي، شل نذرانن جي شين واريون نڪي پوکون ئي ٿين، ڇوجو اوهان تي بهادرن جون ڍالون اڇلائي ڦٽو ڪيون ويون. انهن ۾ سائول جي ڍال بہ هئي، افسوس! جنهن تي هاڻي تيل مکڻ وارو ناهي.


انهيءَ جوان وراڻيو تہ ”اتفاق سان جڏهن آءٌ جِلبوعہ جبل تي هئس، تہ ڏٺم تہ سائول پنهنجي نيزي کي ٽيڪ ڏيو بيٺو آهي ۽ دشمنن جون جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙي سوار سندس پيڇو ڪندا پيا اچن.


پوءِ يهوداہ جا ماڻهو حبرون ۾ آيا ۽ اتي هنن دائود کي مسح ڪري کيس يهوداہ جي قبيلي مٿان بادشاهہ بڻايو. جڏهن دائود کي ٻڌايو ويو تہ جِلعاد علائقي جي يبيس شهر جي ماڻهن ئي سائول کي دفن ڪيو هو،


جڏهن دائود کي ٻڌايو ويو تہ سائول جي رصفہ نالي سريت هيئن ڪيو آهي،


سو دائود اتان سائول ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا آڻايا ۽ جن ٻين ستن ڄڻن کي ڦاسي ڏني ويئي هئي تن جا هڏا بہ گڏ ڪرايا ويا.


فلستين جِلبوعہ نالي جبل تي بني اسرائيل سان جنگ ڪئي. بني اسرائيل جا ڪيترائي ماڻهو اتي ماريا ويا ۽ ٻيا ڀڄي نڪتا.


تڏهن اتي جا سڀ بهادر مرد اٿيا ۽ سائول ۽ سندس پٽن جا لاش چوريءَ کڻي يبيس شهر ۾ آيا. هنن کين اتي شاهہ‌بلوط جي وڻ هيٺ دفن ڪيو ۽ ستن ڏينهن تائين روزو رکيائون.


ٻئي ڏينهن جڏهن فلستي لاشن کي لٽڻ لاءِ آيا، تڏهن سائول ۽ سندس ٽن پٽن جا لاش جِلبوعہ جبل تي پيل ڏٺائون.


اِسڪار ۽ آشر جي حدن اندر هي شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت منسيءَ جي ملڪيت هئا: بيت‌شان، ابليعام، عين‌دور، تعناڪ، مجدو ۽ ڀونوِچ سمنڊ جي ڪناري وارو دور.


پوءِ جڏهن فلستي گڏ ٿيا ۽ اچي شونيم ڳوٺ جي ڀرسان خيما کوڙيائون، تڏهن سائول بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي گڏ ڪري جِلبوعہ جي جابلو علائقي ۾ اچي خيما کوڙيا.


هوڏانهن فلستين جِلبوعہ جي جابلو علائقي ۾ بني اسرائيل سان جنگ ڪئي. اتي بني اسرائيل جا گھڻا ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪجھہ ڀڄي نڪتا.


ويڙهہ سائول کي وڪوڙي ويئي، تيرانداز وڃي کيس پهتا ۽ کيس سخت زخمي ڪري وڌائون.


تڏهن سائول پنهنجي هٿياربردار کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ڪڍي مون کي ماري ڇڏ، انهيءَ لاءِ تہ متان اڻ‌طهريل اچي مون کي قتل ڪن ۽ مون کي بي‌عزت ڪن.“ پر هن جي هٿياربردار ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هو ڊنو ٿي. تنهنڪري سائول پاڻ پنهنجي تلوار کنئي ۽ انهيءَ تي ئي ڪري پيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan