Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 20:5 - Muslim Sindhi Bible

5 سو عماسا بني يهوداہ جي جوان مردن کي آڻي گڏ ڪرڻ لاءِ روانو ٿي ويو. پر جيڪو وقت سندس لاءِ مقرر ڪيو ويو هو، تنهن کان وڌيڪ وقت لڳي ويس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 تنهنڪري عماسا يهوداہ جي ماڻهن کي سڏي گڏ ڪرڻ لاءِ ويو: پر جيڪو وقت هن سندس لاءِ مقرر ڪيو هو تنهن کان وڌيڪ هو ترسي پيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 20:5
4 Iomraidhean Croise  

دائود هنن جي هٿان عماسا کي بہ چوائي موڪليو تہ ”تون منهنجو هڏ رت ناهين ڇا؟ سو هاڻي کان آءٌ پنهنجي اڳيان تو کي يوآب جي بدران هميشہ جي لاءِ فوج جو سپهہ‌سالار بڻايان ٿو. جيڪڏهن آءٌ ائين نہ ڪريان تہ شل خدا مون سان ائين ئي بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪري.“


تڏهن دائود ابي‌شيءَ کي چيو تہ ”سبع ولد بڪري اسان کي ابي‌سلوم کان بہ وڌيڪ نقصان پهچائيندو. سو تون منهنجو لشڪر وٺي انهيءَ جي پٺيان ڪاهي پئُہ، متان هو قلعي وارا شهر هٿ ڪري ۽ اسان کان بچي وڃي.“


سائول اتي سموئيل جي مقرر ڪيل وقت موجب ستن ڏينهن تائين ترسيو، مگر سموئيل جِلجال ۾ نہ آيو. تڏهن ماڻهو سائول وٽان ٽڙڻ پکڙڻ لڳا.


صبح جو يونتن مقرر ڪيل وقت تي دائود سان ملڻ لاءِ ٻاهر ٻنيءَ ڏانهن نڪري ويو. هو پاڻ سان هڪڙو ننڍو ڇوڪرو بہ وٺي ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan