Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 2:9 - Muslim Sindhi Bible

9 اتي جِلعاد، آشر، يزرعيل، افرائيم ۽ بنيامين جي علائقن بلڪ بني اسرائيل جي ڏهن قبيلن جي باقي علائقن جي مٿان کيس بادشاهہ بڻايائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ انهيءَ کي جلعاد، ۽ آشرين، ۽ يزرعيل، ۽ افرائيم، ۽ بنيمين، ۽ سڄي اسرائيل تي بادشاهہ ڪيائين

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 2:9
19 Iomraidhean Croise  

تڏهن لياہ چيو تہ ”آءٌ ڀلي ڀاڳ واري آهيان. هاڻ عورتون مون کي ڀلي ڀاڳ واري ڪري ڪوٺينديون.“ سو انهيءَ جو نالو آشر رکيائين.


سائول جي پٽ اشبوست کي جڏهن بادشاهہ بڻايو ويو، تڏهن سندس عمر چاليهہ سال هئي ۽ هن ٻہ سال بادشاهي ڪئي. پر يهوداہ جي قبيلي دائود جي پيروي ڪئي.


جڏهن سائول جي پٽ اشبوست ۽ دائود جي وچ ۾ جنگيون هلي رهيون هيون، تڏهن سائول جي گھراڻي جي لشڪر ۾ ابنير جو اثر وڌندو ويو.


سائول جي قبيلي بني بنيامين جا ٽي هزار، جيتوڻيڪ ان وقت تائين بني بنيامين قبيلي جا گھڻا ماڻهو سائول جا وفادار هئا،


بني افرائيم جا ويهہ هزار اٺ سؤ، جيڪي پنهنجي گھراڻي ۾ ناليوارا هئا،


جِلعاد جو علائقو منهنجو آهي ۽ منسي بہ منهنجو آهي، افرائيم منهنجو لوهي ٽوپ آهي، ۽ يهوداہ منهنجي شاهي لٺ آهي.


افرائيم قبيلي جي سندن گھراڻن موجب علائقو هي هو: هنن جي سرحد اوڀر طرف عطارات ادار کان وٺي مٿئين بيت‌حورون تائين ويئي


اها سرحد تفوح کان اولهہ ڏانهن قاناہ جي برساتي نهر تائين ويئي ۽ ڀونوچ سمنڊ تي وڃي ختم ٿي. اهو آهي افرائيم قبيلي جو سندن گھراڻن موجب ورثو.


انهيءَ کان علاوہ ڪجھہ شهر ۽ ڳوٺ جيڪي منسي قبيلي جي حدن اندر هئا، سي پڻ افرائيم قبيلي کي ڏنا ويا.


يوسف جي پهريتي پٽ منسيءَ جي قبيلي کي سندس باقي رهيل ورثو ڏنو ويو. جيئن تہ منسيءَ جو پهريتو پٽ مڪير جيڪو جِلعاد جو پيءُ هو تنهن جي قبيلي کي اردن درياءَ جي اوڀر طرف جِلعاد ۽ بسن وارا علائقا ملي چڪا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو جنگي جوڌا هئا،


بني بنيامين جي قبيلي جو ڪُڻو سندن گھراڻن موجب هن حصي تي پيو، جيڪو علائقو کين بني يهوداہ ۽ بني يوسف جي قبيلن جي وچ ۾ مليو.


انهيءَ حصي جي اوڀر واري سرحد اردن درياءُ هئي. بنيامين جي گھراڻن جي ميراث جون چئني پاسن کان حدون اهي ئي هيون.


سندن سرحد اندر هي شهر هئا: يزرعيل، ڪسولوت، شونيم،


تڏهن بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي وارا پنهنجن گھرن ڏانهن موٽيا. ٻين بني اسرائيل وارن کي ڪنعان ملڪ جي سيلا شهر ۾ ڇڏي هو پنهنجي ملڪ جِلعاد ڏانهن روانا ٿيا، جيڪو خداوند جي حڪم موجب موسيٰ جي معرفت کين ملڪيت ٿي مليو هو.


بني آشر اتي جي رهندڙ ڪنعانين سان گڏ رهندا آيا، ڇو تہ هنن کين هڪالي ڪونہ ڪڍيو.


فلستين پنهنجا سمورا لشڪر آڻي افيق شهر وٽ گڏ ڪيا، جڏهن تہ بني اسرائيل پنهنجا خيما يزرعيل جي ماٿريءَ ۾ چشمي وٽ کوڙيا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan