Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 2:7 - Muslim Sindhi Bible

7 سو هاڻي اوهين مضبوط ۽ همت وارا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو آقا سائول مري ويو آهي ۽ يهوداہ جي قبيلي مون کي مسح ڪري پنهنجي مٿان بادشاهہ بڻايو آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 تنهنڪري هاڻي ڀلي تہ اوهان جا هٿ مضبوط ٿين، ۽ اوهين همت وارا ٿيو: ڇالاءِ جو اوهان جو ڌڻي سائول مري ويو آهي، ۽ يهوداہ جي گهراڻي بہ مون کي مسح ڪري پنهنجي مٿان بادشاهہ ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 2:7
12 Iomraidhean Croise  

تنهن کان پوءِ رويا ۾ خداوند ابرام کي چيو تہ ”اي ابرام! ڊڄ نہ، آءٌ تو کي خطري کان پناهہ ڏيندس ۽ تو کي وڏو انعام ڏيندس.“


تون رڳو همت ٻڌُ، تہ اسين پنهنجي قوم ۽ پنهنجي خدا جي شهرن لاءِ بهادري ڏيکاريون. پوءِ جيئن خداوند کي وڻي تيئن ئي ٿيندو.“


هاڻي شل خداوند اوهان کي مهربانيءَ ۽ وفاداريءَ جو اجر ڏئي. انهيءَ ڪم ڪرڻ ڪري اوهان کي آءٌ بہ انهيءَ نيڪيءَ جو عيوض ڏيندس.


هوڏانهن سائول جو سپهہ‌سالار ابنير ولد نير سائول جي پٽ اشبوست کي ساڻ ڪري ڀڄي وڃي اردن درياءَ جي اوڀر واري شهر محنايم ۾ آيو.


تڏهن دائود اتي خداوند جي آڏو حلف کنيو ۽ بني اسرائيل جا سڀيئي اڳواڻ جيڪي حبرون ۾ آيا هئا، تن دائود کي مسح ڪري بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو.


تنهن کان پوءِ يهويدع ڪاهن بادشاهہ جي پٽ يوآس کي ٻاهر وٺي آڻي مٿس تاج رکيو ۽ بادشاهي ڪرڻ جي قاعدن قانونن جو ڪتاب سندس حوالي ڪيو. پوءِ يوآس کي مسح ڪري بادشاهہ مقرر ڪيو ويو ۽ ماڻهن تاڙيون وڄائي چيو تہ ”خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي!“


مون هنن کي اهو بہ ٻڌايو تہ منهنجي خدا جي مهربانيءَ جو هٿ مون تي آهي ۽ جيڪي ڪجھہ بادشاهہ مون کي چيو هو سو بہ کين ٻڌايم. تڏهن هنن وراڻيو تہ ”اچو تہ انهيءَ کي وري تعمير ڪريون.“ اهڙيءَ طرح هو ان چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا.


سجاڳ رهو، ايمان تي قائم رهو، همت ڌاريو، مضبوط رهو


انهيءَ کان علاوہ اوهين سڀ خداوند عيسيٰ ۾ سندس قدرت سان ڀرپور ٿي طاقتور ٿيو.


تڏهن انهن جا سمورا بهادر ماڻهو اٿيا ۽ راتو رات پنڌ ڪري بيت‌شان شهر ۾ وڃي پهتا، جتان چوريءَ سائول ۽ سندس پٽن جا لاش ديوار تان لاٿائون ۽ يبيس شهر ۾ موٽي اچي انهن کي ساڙي ڇڏيائون.


بني اسرائيل جا جيڪي ماڻهو يزرعيل ماٿريءَ جي ٻئي طرف ۽ جيڪي اردن درياءَ جي اوڀر طرف رهندا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ بني اسرائيل جا ماڻهو ڀڄي نڪتا آهن ۽ سائول ۽ سندس پٽ بہ مارجي ويا آهن، تڏهن هو بہ پنهنجا شهر ڇڏي ڀڄي ويا. پوءِ فلستي اچي انهن تي قبضو ڪري رهڻ لڳا.


اي فلستيؤ! مضبوط ٿيو ۽ مڙسي ڪريو، متان اوهين عبرانين جا غلام نہ بڻجي وڃو جيئن هو اوهان جا بڻيا هئا. سو مڙس ٿي وڙهو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan