Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 19:9 - Muslim Sindhi Bible

9 هاڻي بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي ماڻهن ۾ تڪرار شروع ٿي ويو. هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”دائود بادشاهہ اسان کي اسان جي دشمنن جي هٿان ڇڏايو ۽ اسان کي فلستين جي هٿن کان بچايو. پر هو ابي‌سلوم جي ڪري ملڪ مان ڀڄي ويل آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 هاڻي سڀ اسرائيلي پنهنجن پنهنجن تنبن ڏي ڀڄي ويا هئا. ۽ اسرائيل جي سڀني فرقن ۾ تڪرار ٿي پيو، ۽ هو چوڻ لڳا تہ بادشاهہ اسان کي اسانجن دشمنن جي هٿان ڇڏايو آهي، ۽ اسان کي فلستين جي هٿان بچايو آهي؛ پر هاڻي هو ابي سلوم جي ڪري ملڪ مان ڀڄي ويو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 19:9
15 Iomraidhean Croise  

سو دائود پنهنجي سڀني عملدارن، جيڪي ساڻس گڏ يروشلم ۾ هئا، تن کي چيو تہ ”هلو تہ ڀڄي هلون، نہ تہ اسان مان ڪوبہ ابي‌سلوم کان ڀڄي ڪين سگھندو. جلدي ڪري نڪري هلو، متان هو تڪڙو اچي اسان تي ڪڙڪي ۽ اسان تي مصيبت آڻي ۽ شهر تي حملو ڪري سڀني کي ناس ڪري ڇڏي.“


هنن ابي‌سلوم جو لاش کڻي ٻيلي ۾ هڪڙي وڏيءَ کڏ ۾ اڇلايو ۽ مٿانئس پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير ڪري ڇڏيائون. تنهن وچ ۾ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن ڀڄي ويا.


جڏهن تہ ابي‌سلوم جنهن کي اسان مسح ڪري پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو، سو جنگ ۾ مري ويو آهي. تڏهن هاڻي اوهين دائود بادشاهہ کي موٽائي وٺي اچڻ جي ڳالهہ ڇو نہ ٿا ڪريو؟“


اهڙيءَ طرح بادشاهہ پار لنگھي جِلجال ڏانهن روانو ٿيو. ڪمهام، بني يهوداہ جو سڄو قبيلو ۽ ٻين بني اسرائيل وارن جا اڌ ماڻهو بہ ساڻس گڏ پار لنگھي هليا.


اي خداوند! تو مون کي نہ رڳو منهنجي قوم جي جھيڙن کان بچايو آهي، بلڪ غير قومن جو بہ سردار بڻائي ڇڏيو اٿيئي. هائو، جن کي مون ڄاتو بہ نہ ٿي سي منهنجي تابع ٿيا آهن.


سو دائود هڪڙي هنڌ تي آيو ۽ اتي فلستين کي شڪست ڏنائين. تڏهن دائود چوڻ لڳو تہ ”خداوند منهنجي دشمنن کي ائين ڀڃي وڌو آهي، جيئن اوچتو پاڻيءَ جو بند ڀڄي پوندو آهي.“ انهيءَ سبب ئي انهيءَ هنڌ جو نالو بعل‌پراضيم پئجي ويو.


اي خداوند! تو مون کي نہ رڳو منهنجي قوم جي جھيڙن کان بچايو آهي، بلڪ غير قومن جو بہ سردار بڻائي ڇڏيو اٿيئي. هائو، جن کي مون ڄاتو بہ نہ ٿي سي منهنجي تابع ٿيا آهن.


تڏهن مون هنن کي چيو تہ جنهن جنهن وٽ سون هجي سو اهو لاهي کڻي اچي. سو هنن اهو مون کي آڻي ڏنو. مون اهو باهہ ۾ وڌو تہ هي گابو نڪري آيو.“


اهڙيءَ طرح دائود بنا ڪنهن تلوار جي، رڳو کانڀاڻيءَ مان هڪڙي پٿر اڇلائڻ سان جالوت کي شڪست ڏيئي ماري ڇڏيو.


سائول کين چيو تہ ”اوهين دائود کي وڃي چئو تہ ’بادشاهہ ڪوبہ ڪابين وٺڻ نہ ٿو گھري. هو رڳو پنهنجي دشمن فلستين کان بدلي وٺڻ طور هڪ سؤ مئل فلستين جون طهر واريون کلڙيون وٺندو.‘“ اهڙيءَ طرح سائول منصوبو ٺاهيو تہ جيئن دائود فلستين جي هٿان مارجي وڃي.


هن پنهنجو سِر تريءَ تي رکي وڃي انهيءَ فلستي جالوت کي ماريو، جنهن تي خداوند سڄي بني اسرائيل کي هڪ وڏي فتح حاصل ڪرائي. توهان پاڻ اها ڏٺي ۽ ڏاڍا خوش ٿيا. تڏهن ڇو هن بي‌گناهہ جو رت بي‌سبب هاري اوهين گنهگار ٿيڻ ٿا گھرو؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan