Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 19:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تڏهن بادشاهہ اٿيو ۽ شهر جي دروازي ۾ وڃي ويٺو. پوءِ جڏهن سڄي لشڪر کي ٻڌايو ويو تہ بادشاهہ شهر جي دروازي ۾ ويٺو آهي، تڏهن اهي سڀ بادشاهہ جي اڳيان اچي گڏ ٿيا. انهيءَ وچ ۾ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن ڀڄي هليا ويا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 تڏهن بادشاهہ اُٿيو، ۽ دروازي ۾ ويٺو. ۽ سڀني ماڻهن کي چيائون تہ ڏسو، بادشاهہ دروازي ۾ ويٺو آهي: پوءِ سڀ ماڻهو بادشاهہ جي اڳيان آيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 19:8
10 Iomraidhean Croise  

هاڻي ابي‌سلوم صبح جو سوير اٿندو هو ۽ شهر جي دروازي وٽ هڪ پاسي ٿي بيهي رهندو هو. پوءِ جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو ڪو مقدمو بادشاهہ وٽ فيصلي لاءِ کڻي وڃڻ چاهيندو هو، تڏهن ابي‌سلوم انهيءَ کي سڏي کانئس پڇندو هو تہ ”تون ڪٿان جو آهين؟“ تہ جيئن اها خبر پئجي سگھي تہ اهو بني اسرائيل جي ڪهڙي قبيلي منجھان آهي.


هنن ابي‌سلوم جو لاش کڻي ٻيلي ۾ هڪڙي وڏيءَ کڏ ۾ اڇلايو ۽ مٿانئس پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير ڪري ڇڏيائون. تنهن وچ ۾ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن ڀڄي ويا.


هوڏانهن دائود ڪوٽ جي اندرين ۽ ٻاهرين درن جي وچ ۾ ويٺو هو. ان وقت پهريدار ڪوٽ واري دروازي جي ڇت تي چڙهي ويو ۽ ڇا ڏٺائين تہ هڪڙو ماڻهو اڪيلو ڊوڙندو پيو اچي.


تڏهن دائود بادشاهہ انهن کي وراڻيو تہ ”جيئن اوهان کي چڱو لڳي تيئن ئي آءٌ ڪندس.“ پوءِ بادشاهہ شهر جي دروازي جي پاسي ۾ ٿي بيٺو ۽ هزار هزار جي ٽولن وارا سڀ جوان سَون سَون جي ٽولين ۾ قطارون ٺاهي لنگھندا رهيا.


سو ان ڏينهن لشڪر وارا اهڙيءَ طرح چپ چاپ شهر ۾ داخل ٿيا، جهڙيءَ طرح ڪي ماڻهو جنگ مان ڀڄي ويندا آهن ۽ پوءِ شرم وچان چپ چاپ ايندا آهن.


سج لهڻ ڌاري اسرائيل ۽ يهوداہ جي سڄي لشڪر کي حڪم مليو تہ ”هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي گھر ڏانهن موٽي وڃي.“


امصياہ جي لشڪر کي شڪست ملي ۽ سندس سپاهي پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن ڀڄي ويا.


سو يهورام پنهنجي سڀني جنگي گھوڙي گاڏين سان صعير ڏانهن روانو ٿيو، جتي ادومين سندن گھيرو ڪيو. پر هو رات جو اٿيا ۽ ادومين جو گھيرو ٽوڙي ڀڄي ويا ۽ سپاهي پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي ويا.


تڏهن فلستين سخت جنگ ڪئي ۽ بني اسرائيل کي شڪست ڏنائون. پوءِ بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن وٺي ڀڳا. تمام گھڻي خونريزي ٿي ۽ بني اسرائيل جا ٽيهہ هزار ماڻهو مارجي ويا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan