Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 19:4 - Muslim Sindhi Bible

4 جڏهن تہ بادشاهہ پنهنجو منهن ڍڪي رڙيون ڪري پئي چيو تہ ”او ابي‌سلوم منهنجا پٽ! هاءِ ابي‌سلوم منهنجا پٽ! او منهنجا پٽ!“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ بادشاهہ پنهنجو منهن ڍڪي رڙيون ڪري پئي چيو تہ، هاءِ ابي سلوم منهنجا پٽ، هاءِ ابي سلوم، منهنجا پٽ، منهنجا پٽ!

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 19:4
5 Iomraidhean Croise  

سو يوآب جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن سهي ڪري ورتو تہ بادشاهہ جي دل ابي‌سلوم ڏانهن مائل آهي.


پر دائود زيتون جي ٽڪر واري چاڙهيءَ تي چڙهي ويو. هو مٿي چڙهندي روئندو ٿي ويو. ڏک وچان سندس مٿو ڍڪيل ۽ پير اگھاڙا هئا. جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا، تن جا بہ مٿا ڍڪيل هئا ۽ اهي بہ مٿي چڙهندي روئندا ٿي ويا.


تڏهن بادشاهہ جي حالت خراب ٿي ويئي. پوءِ هو انهيءَ ڪمري ڏانهن جيڪو دروازي جي مٿان هو، روئندو ويو ۽ هيئن چوندو ويو تہ ”او منهنجا پٽ ابي‌سلوم! هاءِ منهنجا پٽ! او منهنجا پٽ ابي‌سلوم! شل آءٌ تنهنجي بدران مران ها تہ چڱو هو. هاءِ منهنجا پٽ ابي‌سلوم! او منهنجا پٽ!“


سو ان ڏينهن لشڪر وارا اهڙيءَ طرح چپ چاپ شهر ۾ داخل ٿيا، جهڙيءَ طرح ڪي ماڻهو جنگ مان ڀڄي ويندا آهن ۽ پوءِ شرم وچان چپ چاپ ايندا آهن.


تڏهن يوآب بادشاهہ جي گھر ۾ گھڙي آيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”تو اڄ پنهنجي انهن سڀني لشڪر وارن کي شرمندو ڪيو آهي، جن تنهنجي حياتي، تنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن جون حياتيون ۽ تنهنجين زالن ۽ سريتن جون حياتيون بچايون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan