Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 19:1 - Muslim Sindhi Bible

1 يوآب کي ٻڌايو ويو تہ بادشاهہ ابي‌سلوم لاءِ روئي ٿو ۽ سوڳ ٿو ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ يوآب کي چيو ويو تہ ڏس، بادشاهہ ابي سلوم جي لاءِ روئي ٿو ۽ ماتم ٿو ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 19:1
9 Iomraidhean Croise  

سندس سمورا پٽ ۽ ڌيئر چپ ڪرائڻ لاءِ آٿت ڏيڻ لڳس پر کيس آٿت نہ ٿي آئي. هو چوڻ لڳو تہ ”آءٌ روئندو پٽيندو پنهنجي پٽ جي پٺيان قبر ۾ ويندس.“ اهڙيءَ طرح هو يوسف جي لاءِ روئندو رهيو.


پر انهيءَ ماڻهوءَ يوآب کي ورندي ڏني تہ ”جيڪڏهن منهنجي هٿ تي چانديءَ جا هزار سڪا بہ رکيا وڃن ها، تہ بہ آءٌ بادشاهہ جي پٽ تي پنهنجو هٿ نہ کڻان ها. ياد ڪر، اسان جي روبرو بادشاهہ تو کي، ابي‌شيءَ کي ۽ اِتيءَ کي تاڪيد ڪري چيو هو تہ ’منهنجي خاطر انهيءَ جوان ابي‌سلوم جو بچاءُ ڪجو.‘


تنهن تي يوآب چيس تہ ”آءٌ تو وٽ ترسي وڌيڪ وقت وڃائي نہ ٿو سگھان.“ پوءِ هو شاهہ‌بلوط وڻ وٽ آيو، جتي ابي‌سلوم جيئرو ٽنگيل هو. اتي هن ابي‌سلوم جي سيني ۾ ٽي نيزا هڻي وڌا.


يوآب کيس چيو تہ ”نہ، اڄ تون ڪابہ خوشخبري نہ ٻڌائڻ وڃ، تون ڪنهن ٻئي ڏينهن ڪا ٻي خوشخبري ٻڌائڻ وڃجانءِ، پر اڄ نہ، ڇو تہ بادشاهہ جو پٽ مري ويو آهي.“


تڏهن بادشاهہ جي حالت خراب ٿي ويئي. پوءِ هو انهيءَ ڪمري ڏانهن جيڪو دروازي جي مٿان هو، روئندو ويو ۽ هيئن چوندو ويو تہ ”او منهنجا پٽ ابي‌سلوم! هاءِ منهنجا پٽ! او منهنجا پٽ ابي‌سلوم! شل آءٌ تنهنجي بدران مران ها تہ چڱو هو. هاءِ منهنجا پٽ ابي‌سلوم! او منهنجا پٽ!“


پوءِ بادشاهہ يوآب، ابي‌شي ۽ اِتيءَ کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”منهنجي خاطر انهيءَ جوان ماڻهوءَ ابي‌سلوم سان نرميءَ وارو سلوڪ ڪجو.“ ابي‌سلوم جي باري ۾ سالارن کي ڏنل بادشاهہ جو اهو حڪم سڀني جنگي جوانن ٻڌو.


انهيءَ ڏينهن سڄي لشڪر جي لاءِ بہ فتح جي خوشي سوڳ ۾ بدلجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هنن ٻڌو هو تہ بادشاهہ پنهنجي پٽ جي سوڳ ۾ آهي.


بي‌وقوف اولاد پنهنجي والدين لاءِ ڏک ۽ رنج جو باعث آهن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan