Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 18:12 - Muslim Sindhi Bible

12 پر انهيءَ ماڻهوءَ يوآب کي ورندي ڏني تہ ”جيڪڏهن منهنجي هٿ تي چانديءَ جا هزار سڪا بہ رکيا وڃن ها، تہ بہ آءٌ بادشاهہ جي پٽ تي پنهنجو هٿ نہ کڻان ها. ياد ڪر، اسان جي روبرو بادشاهہ تو کي، ابي‌شيءَ کي ۽ اِتيءَ کي تاڪيد ڪري چيو هو تہ ’منهنجي خاطر انهيءَ جوان ابي‌سلوم جو بچاءُ ڪجو.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 ۽ انهيءَ ماڻهو يوآب کي چيو تہ مون کي کڻي هزار چانديءَ جا سڪا هٿ ۾ ملن ها تہ بہ آءٌ بادشاهہ جي پٽ تي پنهنجو هٿ نہ هلايان ها: ڇالاءِ جو اسان جي ٻڌندي بادشاهہ توکي، ۽ ابيشيءَ کي، ۽ اِتيءَ کي، تاڪيد ڪري چيو هو تہ خبردار رهجو متان انهيءَ جوان ماڻهوءَ ابي سلوم کي ڪوبہ هٿ لائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 18:12
3 Iomraidhean Croise  

تڏهن يوآب انهيءَ کي چيو تہ ”جڏهن تو هن کي ڏٺو، تڏهن ڇو نہ کيس اتي ئي ماري ڇڏيُئِہ؟ جيڪڏهن تون ائين ڪرين ها تہ ڏهہ چانديءَ جا سڪا ۽ هڪڙو ڪمربند مون تي تنهنجو حق ٿئي ها.“


پوءِ بادشاهہ يوآب، ابي‌شي ۽ اِتيءَ کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”منهنجي خاطر انهيءَ جوان ماڻهوءَ ابي‌سلوم سان نرميءَ وارو سلوڪ ڪجو.“ ابي‌سلوم جي باري ۾ سالارن کي ڏنل بادشاهہ جو اهو حڪم سڀني جنگي جوانن ٻڌو.


يوآب کي ٻڌايو ويو تہ بادشاهہ ابي‌سلوم لاءِ روئي ٿو ۽ سوڳ ٿو ڪري.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan