Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 18:1 - Muslim Sindhi Bible

1 دائود پنهنجي انهن ماڻهن مان جوان ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو. پوءِ هن انهن جا هزار هزار جا ٽولا ۽ انهن ۾ وري سؤ سؤ جون ٽوليون ٺاهي مٿن مختلف سالار مقرر ڪيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ دائود انهن ماڻهن جو شمار ڪيو جي ساڻس هئا، ۽ هزارن جا، ۽ سوَن جا سردار انهن تي مقرر ڪيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 18:1
8 Iomraidhean Croise  

موسيٰ يشوع کي چيو تہ ”اسان مان ڪجھہ ماڻهو چونڊي ڪڍ ۽ وڃي عماليقين سان وڙهہ. سڀاڻي آءٌ خدا جي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻي انهيءَ ٽڪر جي چوٽيءَ تي بيهندس.“


انهيءَ کان سواءِ تون انهن مان ڪي اهڙا لائق ماڻهو چونڊي ڪڍ جن کي خدا جو خوف هجي، جي سچار هجن ۽ کين ناجائز ڪمائيءَ کان نفرت هجي. انهن کي هزارن هزارن، سَون سَون، پنجاهن پنجاهن ۽ ڏهن ڏهن ماڻهن جي مٿان حاڪم مقرر ڪر.


موسيٰ سڄي بني اسرائيل منجھان لائق ماڻهو چونڊي ڪڍيا ۽ انهن مان هر هڪ کي هزارن هزارن، سَون سَون، پنجاهن پنجاهن يا ڏهن ڏهن ماڻهن تي حاڪم مقرر ڪيائين.


موسيٰ لشڪر جي سالارن يعني هزارن ۽ سون جي سالارن تي، جيڪي جنگ تان موٽيا هئا، غصي ٿيو.


پوءِ جڏهن عملدار ماڻهن سان ڳالهائي بس ڪن، تڏهن هو انهن جي لشڪر جي مٿان ڪي سالار مقرر ڪن.


ٻئي ڏينهن يشوع صبح جو سوير اٿيو ۽ سڀني ماڻهن کي سڏي گڏ ڪيائين. پوءِ هو ۽ بني اسرائيل جا اڳواڻ انهن جي اڳيان ٿي عئي شهر ڏانهن هليا.


پوءِ سائول پنهنجي آس‌پاس بيٺل سالارن کي چيو تہ ”اي بنيامينيؤ! ٻڌو، ڇا يسيءَ جو پٽ دائود اوهان سڀني کي ٻنيون ۽ انگورن جا باغ ڏيندو؟ ڇا هو اوهان سڀني کي پنهنجي فوج ۾ هزارن ۽ سون جو سالار مقرر ڪندو؟


انهن مان ڪن کي هو پنهنجي لاءِ هزار هزار ماڻهن جو سالار ۽ ڪن کي پنجاهہ پنجاهہ ماڻهن جو سالار مقرر ڪندو. ڪن کي هو هر هلائڻ، فصل لڻڻ، جنگ جي هٿيارن جوڙڻ ۽ پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏين جي اوزارن ٺاهڻ لاءِ مقرر ڪندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan