Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 16:8 - Muslim Sindhi Bible

8 سائول جنهن جي جاءِ تي تو بادشاهي پئي ڪئي آهي، تنهن جي گھراڻي جو سمورو خون خداوند تو تي ئي آڻي وڌو آهي. سو خداوند بادشاهي تنهنجي پٽ ابي‌سلوم جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏي آهي ۽ تون پنهنجي بڇڙائيءَ ۾ پاڻ ڦاٿو آهين، ڇاڪاڻ تہ تون خوني آهين.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 خداوند سائول جي گهراڻي جو خون سمورو ئي موٽائي تو تي آڻي وڌو آهي، جنهن سائول جي جاءِ تي تو بادشاهي پئي ڪئي آهي؛ ۽ خداوند بادشاهي تنهنجي پٽ ابي سلوم جي هٿن ۾ ڏني آهي: ۽ ڏس، تون پنهنجيءَ خرابي ۾ پاڻ ڦاٿو آهين، ڇالاءِ جو تون خوني آهين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 16:8
18 Iomraidhean Croise  

دائود انهيءَ عماليقيءَ کي چوندو رهيو تہ ”تنهنجو خون تنهنجي گردن تي هجي، ڇاڪاڻ تہ تو پاڻ پنهنجي شاهدي ڏيئي چيو آهي تہ ’مون خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ کي قتل ڪيو آهي.‘“


۽ بادشاهہ کي چوڻ لڳو تہ ”منهنجو آقا مون تي ڪو قصور نہ رکي ۽ جيڪا بڇڙائي هن ٻانهي اوهان آقا سان اوهان جي يروشلم مان نڪرڻ واري ڏينهن تي ڪئي هئي، تنهن کي منهنجو آقا بادشاهہ ياد نہ ڪري ۽ نہ وري انهيءَ کي پنهنجيءَ دل ۾ رکي.


تڏهن ابي‌شيءَ جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، ورندي ڏني تہ ”ڇا انهن ڳالهين جي ڪري شمعيءَ کي قتل نہ ڪيو ويندو؟ جڏهن تہ هن خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ تي لعنت وڌي هئي.“


دائود جي حڪومت جي ڏينهن ۾ ٽي سال ساندهہ ڏڪار پيو. سو دائود انهيءَ بابت خداوند کان پڇا ڪئي. خداوند کيس فرمايو تہ سائول ۽ سندس خوني گھراڻي جي ڪري اهو حال ٿيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن جِبعونين کي قتل ڪيو هو.


ٻيو ياد رک تہ جيرا جو پٽ شمعي جيڪو بني بنيامين جي علائقي واري شهر بحوريم جو رهاڪو آهي، تنهن محنايم شهر ڏانهن وڃڻ واري ڏينهن مون تي سخت لعنت وڌي هئي. پر پوءِ جڏهن هو اردن درياءَ وٽ منهنجي استقبال لاءِ آيو هو تڏهن مون ساڻس خداوند جو قسم کڻي کيس چيو هو تہ ’آءٌ تو کي نہ مارائيندس.‘


ڪيترائي آهن جيڪي مون لاءِ هيئن ٿا چون تہ ”هن کي خدا وٽان ڪابہ مدد ڪانہ ملندي.“


اي فاني انسانؤ! اوهين ڪيستائين پيا منهنجي بدنامي ڪندا؟ ڪيستائين اوهين بيهودگي پيا چاهيندا؟ ۽ ڪوڙ جي پٺيان هوندا؟


دشمنن جي دڙڪن، بلڪ انهن بدڪارن جي ظلم ڪري آءٌ پريشان آهيان. هو مون کي تڪليف ٿا ڏين ۽ ڪاوڙ ڪندي ڌڪارين ٿا.


جنهن پٽ پاراتي جا اوهين مستحق ناهيو، سا انهيءَ پکي جيان آهي جيڪو رڳو هوا ۾ اڏامي ٿو پر هيٺ لهي اچي نقصان نہ ٿو پهچائي.


ڇاڪاڻ تہ جن ماڻهن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن ۽ خدا جو پيغام ڏيندڙن جو رت وهايو آهي، تن کي تو رت پيئڻ لاءِ ڏنو. اهي انهيءَ جي ئي لائق آهن.“


خدا ائين انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن جِدعون جي ستر پٽن جي خون جو بدلو سندن ڀاءُ ابيملڪ کان ورتو وڃي، جنهن هنن کي مارايو هو ۽ سڪم جي ماڻهن کان بہ بدلو ورتو وڃي جن سندس ڀائرن جي مارڻ ۾ ابيملڪ جي مدد ڪئي هئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan