Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 16:5 - Muslim Sindhi Bible

5 جڏهن دائود بادشاهہ بحوريم شهر ۾ پهتو، تڏهن سائول جي گھراڻي جي ماڻهن مان هڪڙو شخص نڪري آيو جنهن جو نالو شمعي ولد جيرا هو. هو لعنتون وجھندو ٿي آيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ جڏهن بادشاهہ دائود بحوريم ۾ آيو تڏهن ڏس، سائول جي گهراڻي جي قبيلي مان هڪڙو ماڻهو نڪري آيو، جنهن جو نالو سمعي بن جيرا هو: اهو جيئن آيو ٿي تيئن لعنتون وجهندو آيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 16:5
22 Iomraidhean Croise  

بادشاهہ ۽ سڀ ماڻهو جيڪي ساڻس گڏ آيا هئا، سي بيحد ٿڪجي پيا هئا. سو اردن درياءَ وٽ پهچي آرام ڪري هو تازا توانا ٿيا.


تڏهن بادشاهہ ضيبا کي چيو تہ ”مفيبوست جي جيڪا بہ شيءِ آهي سا سڀ هاڻي تنهنجي آهي.“ ضيبا وراڻي ڏيندي چيو تہ ”آءٌ تعظيم بجا ٿو آڻيان، اي منهنجا آقا بادشاهہ! شل آءٌ تنهنجي نظر ۾ مان لهان.“


هن دائود بادشاهہ ۽ سندس سڀني عملدارن تي پٿر اڇلايا. ان وقت سڀ ماڻهو ۽ بهادر مرد بادشاهہ جي ساڄي ۽ کاٻي طرف هئا.


پر هن دفعي هڪڙي ڇوڪر هنن کي ڏسي ورتو ۽ انهيءَ وڃي ابي‌سلوم کي ٻڌايو. مگر هو ٻئي ڄڻا تڪڙا هلي بحوريم شهر ۾ هڪڙي واقف ماڻهوءَ جي گھر آيا، جنهن جي اڱڻ ۾ هڪڙو کوهہ هو. سو هو انهيءَ ۾ اندر لهي ويا.


ابي‌علبون عرباتي، عزماوت برحومي،


پر سندس مڙس ساڻس گڏ اُٿي هليو ۽ بحوريم شهر تائين هن جي پٺيان روئندو آيو. پوءِ جڏهن ابنير چيس تہ ”موٽي وڃ،“ تڏهن هو موٽي ويو.


سوسن جي شاهي قلعي ۾ بنيامين قبيلي جو هڪڙو يهودي هوندو هو، جنهن جو نالو مردڪئي ولد يائر هو ۽ جيڪو سمعي ۽ قيس جي اولاد مان هو.


خدا منهنجي طاقت ٽوڙي ڇڏي آهي، ۽ هاڻي آءٌ بي‌وس آهيان، سو هو منهنجي اڳيان بي‌لغام ٿي ويا آهن.


منهنجا دشمن سڄو ڏينهن مون تي طعنا ٿا هڻن. ٽوڪ ڪندڙ ٻين تي لعنت ڪرڻ ۾ منهنجي نالي جو مثال ڏين ٿا.


اهي ڀلي مون تي لعنت پيا ڪن پر تون مون کي برڪت ڏي. تڏهن منهنجي خلاف اٿندڙ خوار خراب ٿيندا، پر آءٌ، جيڪو تنهنجو بندو آهيان سو خوشيون ڪندس.


ڇوجو هو تن کي ئي ستائين ٿا جن کي تو سزا ڏني آهي، ۽ تن جي ئي ڦٽن تي لوڻ ٿا ٻرڪن جن کي تو زخمي ڪيو آهي.


ڇاڪاڻ تہ اهو ئي رڳو هن جي بدن جو اوڇڻ آهي. پوءِ هو ڇا ۾ سمهندو؟ سو جيڪڏهن هن مون کي پڪاريو تہ آءٌ سندس فرياد ٻڌندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ مهربان آهيان.


اوهين مون خدا بابت ڪفر نہ بڪو، نڪي پنهنجي قوم جي ڪنهن اڳواڻ جي گلا ڪجو.


جنهن پٽ پاراتي جا اوهين مستحق ناهيو، سا انهيءَ پکي جيان آهي جيڪو رڳو هوا ۾ اڏامي ٿو پر هيٺ لهي اچي نقصان نہ ٿو پهچائي.


اوهين بادشاهہ تي تنقيد ڪرڻ لاءِ پنهنجيءَ دل ۾ بہ خيال نہ آڻيو، نڪي ڪنهن امير جي ئي ملامت ڪريو. هائو، پنهنجي ڳجھيءَ جاءِ ۾ بہ ويهي ائين نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ڀتين کي بہ ڪن ٿين ٿا.


اهو وقت ايندو جڏهن ماڻهو سڄي ملڪ ۾ بک ۽ بدحاليءَ ۾ پيا ڦرندا وتندا. جڏهن کين بک ستائيندي تڏهن اهي جان کان بيزار ٿي ويندا ۽ پنهنجي بادشاهہ ۽ معبودن تي لعنتون وجھندا. پوءِ اهي مدد لاءِ پنهنجا منهن کڻي آسمان ڏانهن


پوءِ جالوت دائود کي چيو تہ ”آءٌ ڪو ڪتو آهيان ڇا جو تون مون تي لٺ کڻي آيو آهين؟“ جالوت پنهنجي معبود جا نالا کڻي دائود تي لعنت وجھڻ لڳو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan