2.سموئيل 16:10 - Muslim Sindhi Bible10 پر بادشاهہ ابيشيءَ ۽ سندس ڀاءُ يوآب کي چيو تہ ”اي ضروياہ جا فرزندؤ! انهيءَ ڳالهہ ۾ اوهان جو ڇا وڃي؟ هو لعنت انهيءَ ڪري ٿو ڪري جو خداوند هن کي چيو آهي تہ ’دائود تي لعنت ڪر.‘ تڏهن پوءِ ڪير آهي جو هن کي چوي تہ ’ائين ڇو ٿو ڪرين؟‘“ Faic an caibideilSindhi Bible10 ۽ بادشاهہ چيو تہ اي ضروياہ جا پٽ، منهنجو اوهان سان ڇا وڃي؟ هو لعنت انهيءَ ڪري ٿو ڪري جو خداوند هن کي چيو آهي تہ دائود تي لعنت ڪر؛ تڏهن ڪير چوندو تہ تو ڇو هيئن ڪيو آهي؟ Faic an caibideil |
سو اي منهنجا آقا بادشاهہ! هاڻي پنهنجي هن ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن توهان کي خداوند منهنجي خلاف کڙو ڪيو آهي تہ پوءِ منهنجي ڏوهہ کي معاف ڪرڻ لاءِ شل هو نذرانو قبول ڪري. پر جيڪڏهن اهو ڪن انسانن جو ڪم آهي تہ شل اهي خداوند جي آڏو لعنتي ٿين، ڇاڪاڻ تہ انهن مون کي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي قوم ۾ منهنجو ڪو حصو نہ رهي ۽ مون کي چون ٿا تہ ’وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪر.‘