Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 16:1 - Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن دائود جبل جي چوٽيءَ تان ٿورو اڳتي وڌيو، تڏهن مفيبوست جو ٻانهو ضيبا ساڻس اچي مليو. ضيبا سان گڏ ٻہ زين پيل گڏهہ هئا، جن تي ٻہ سؤ مانيون، هڪ سؤ ڪشمش جا ڇڳا، هڪ سؤ تازا ميوا ۽ هڪڙي سانداري مئي جي رکيل هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ جڏهن دائود چاڙهيءَ جي چوٽيءَ تان ٿورو اڳتي هليو، تڏهن ڏس، مفيبوست جو ٻانهو ضيبا ٻن زين پيلن گڏهن سان هن کي گڏيو، ۽ انهن تي ٻہ سؤ مانيون، ۽ هڪ سؤ ڪشمش جا ڇڳا، ۽ هڪ سؤ آرڙهہ جا ميوا، ۽ هڪڙي سانداري شراب جي رکيل هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 16:1
17 Iomraidhean Croise  

پر دائود زيتون جي ٽڪر واري چاڙهيءَ تي چڙهي ويو. هو مٿي چڙهندي روئندو ٿي ويو. ڏک وچان سندس مٿو ڍڪيل ۽ پير اگھاڙا هئا. جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا، تن جا بہ مٿا ڍڪيل هئا ۽ اهي بہ مٿي چڙهندي روئندا ٿي ويا.


پوءِ جڏهن دائود جبل جي چوٽيءَ تي اچي پهتو، جتي خدا جي عبادت ڪئي ويندي هئي، تڏهن ڏٺائين تہ ارڪي قبيلي وارو سندس دوست حوسي ڦاٽل ڪپڙن سان، مٿي ۾ مٽي وجھي ساڻس گڏجڻ لاءِ اچي پهتو آهي.


انهيءَ سان بنيامين قبيلي جا هڪ هزار ماڻهو ۽ سائول جي گھراڻي جو نوڪر ضيبا پنهنجي پندرهن پٽن ۽ ويهن ٻانهن سميت گڏ هو. اهي اردن درياءَ تي بادشاهہ جي سامهون اچي پهتا.


برزلي اسي سالن جي عمر جو تمام پوڙهو ماڻهو هو. جيئن تہ هو تمام دولتمند ماڻهو هو، سو جڏهن بادشاهہ محنايم شهر ۾ رهيل هو تڏهن هن بادشاهہ کي کاڌخوراڪ پهچائي هئي.


ويجھن قبيلن کان علاوہ ڏورانهن قبيلن اِسڪار، زبولون ۽ نفتاليءَ کان وٺي ماڻهن گڏهہ، اٺ، خچر ۽ ڍڳا پئي آندا جيڪي کاڌ خوراڪ جي شين يعني مانين، ميدي مان ٺهيل شين، انجير، ڪشمش، مئي، زيتون جي تيل سان لڏيل هئا. انهن چوپايو مال ۽ رڍون ٻڪريون بہ آنديون. اهو سڀ ڪجھہ انهيءَ لاءِ پئي ڪيو ويو جو بني اسرائيل ۾ خوشي هئي.


تحفو پيش ڪرڻ سان ماڻهو پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهي ٿو، هائو، انهيءَ سان وڏن ماڻهن وٽ رسائي آسان ٿيو پوي.


ڏسو، آءٌ پاڻ مصفاہ شهر ۾ رهندس، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي بابلي اسان وٽ اچن تن اڳيان آءٌ اوهان جي نمائندگي ڪريان. پر اوهين مئي، اونهاري جا ميوا ۽ زيتون جو تيل ڪٺو ڪريو ۽ انهن جو پاڻ وٽ ذخيرو ڪريو ۽ انهن ئي شهرن ۾ رهي پئو جيڪي اوهان هٿ ڪيا آهن.“


تڏهن اهي جن هنڌن ڏانهن ڇڙوڇڙ ڪيا ويا هئا اتان موٽي يهوداہ ملڪ جي مصفاہ شهر ۾ جِدلياہ وٽ آيا، جتي هنن مئي ۽ اونهاري جا ميوا جھجھي مقدار ۾ گڏ ڪيا.


ساڳيءَ طرح خداوند خدا مون کي هڪڙي ٻي رويا ڏيکاري، جنهن ۾ مون پڪل ميون سان ڀريل هڪڙي ٽوڪري ڏٺي.


حيف آهي منهنجي حال تي! ڇاڪاڻ تہ آءٌ ميڪاہ اهڙي بکايل وانگر آهيان، جيڪو گرميءَ جا ميوا پٽجي وڃڻ، يا انگور چونڊجي وڃڻ کان پوءِ انهن ميون جو بکايل رهي ٿو. هائو، هن جي کائڻ لاءِ نہ ڪو انگورن جو ڇڳو بچيو آهي، ۽ نہ ئي پهريان پڪل دل کي وڻندڙ انجير ئي آهن.


پوءِ تون جڏهن اڳتي وڌندين ۽ تبور واري شاهہ‌بلوط وڻ وٽ پهچندين، تہ اتي تو کي ٽي ماڻهو ملندا جيڪي قرباني ڪرڻ واسطي بيت‌ايل ڏانهن مٿي چڙهندا خدا جي حضور ۾ ويندا هوندا. انهن مان هڪڙي وٽ ٽي ڇيلا، ٻئي وٽ ٽي مانيون ۽ ٽئين وٽ مئي سان ڀريل هڪڙي مشڪ هوندي.


تڏهن يسيءَ هڪڙي گڏهہ تي مانيون، پراڻي مئي جي سانداري ۽ هڪڙو ڇيلو رکي اهو پنهنجي پٽ دائود جي هٿان سائول ڏانهن ڏياري موڪليو.


تڏهن ابيجيل تڪڙ ڪري ٻہ سؤ مانيون، ٻہ مئي جون سانداريون، پنج پڪل رڍون، پنج ماپا ڀُڳل اَناج جا، هڪ سؤ ڪشمش جا ڇڳا ۽ ٻہ سؤ سڪل انجير جون ٽڪيون کڻي گڏهن تي رکرايون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan