Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 15:5 - Muslim Sindhi Bible

5 سو جڏهن بہ ڪو ماڻهو هن کي تعظيم ڏيڻ لاءِ ويجھو ايندو هو، تڏهن هو پنهنجو هٿ ڊگھيڙي انهيءَ ماڻهوءَ کي وٺي چمندو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ هيئن ٿيندو هو تہ جڏهن ڪو ماڻهو هن کي تعظيم ڏيڻ لاءِ ويجهو ايندو هو تڏهن هو پنهنجو هٿ ڊگهيري هن کي وٺي چُمندو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 15:5
6 Iomraidhean Croise  

تڏهن يوآب بادشاهہ وٽ ويو ۽ جيڪي ابي‌سلوم چيو هئس سو کيس ٻڌايائين. پوءِ بادشاهہ ابي‌سلوم ڏانهن ماڻهو موڪليو تہ هو بادشاهہ وٽ آيو ۽ سندس اڳيان زمين تي جھڪي کيس تعظيم ڏنائين. تڏهن بادشاهہ ابي‌سلوم کي چميو.


يوآب عماسا کي چيو تہ ”اي منهنجا ڀاءُ! تنهنجو ڪهڙو حال آهي؟“ پوءِ يوآب عماسا کي ساڄي هٿ سان ڏاڙهيءَ کان جھلي کيس چمي ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌيو.


سندس ڳالهيون مکڻ وانگر ملائم هيون، پر سندس دل ۾ جنگ هئي. هن جون ڳالهيون تيل کان بہ سڻڀيون هيون، پر اگھاڙي تلوار وانگر هيون.


سو انهيءَ جي مٺڙين ڳالهين تي اعتبار نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سندس دل نفرت سان ٽمٽار آهي.


تو مون کي چميو بہ ڪين، پر جيئن آءٌ آيو آهيان تہ هن منهنجي پيرن کي چمڻ کان بس ئي ڪين ڪئي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan