Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 15:1 - Muslim Sindhi Bible

1 انهيءَ کان پوءِ ابي‌سلوم پنهنجي لاءِ گاڏي، گھوڙا ۽ پنجاهہ ماڻهو تيار ڪيا، جيڪي سندس اڳيان اڳيان ڊوڙندا هلن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ ابي سلوم پنهنجي لاءِ گاڏي ۽ گهوڙا، ۽ پنجاهہ ماڻهو تيار ڪيا تہ هن جي اڳيان ڊوڙن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 15:1
11 Iomraidhean Croise  

آءٌ تنهنجي ئي گھراڻي مان تنهنجي خلاف بڇڙائي اٿاريندس ۽ تنهنجي اکين آڏو تنهنجيون زالون تنهنجي ڪنهن ويجھي ماڻهوءَ جي حوالي ڪندس. اهو ماڻهو ڏينهن ڏٺي جو تنهنجي زالن سان سمهندو.


تڏهن بادشاهہ کين چيو تہ ”اوهين منهنجا عملدار پاڻ سان وٺي وڃو ۽ منهنجي پٽ سليمان کي منهنجي خچر تي چاڙهي جيحون چشمي ڏانهن روانا ٿيو.


ابي‌سلوم جي موت کان پوءِ ادونياہ جيڪو دائود کي حجيت نالي زال مان ڄاول پٽ هو ۽ ٻين سڀني پٽن کان وڏو هو، سو ڳاٽ مٿي ڪري چوڻ لڳو تہ ”آءٌ بادشاهہ ٿيندس.“ هن پنهنجي لاءِ گھوڙي گاڏيون، سوار ۽ پنهنجي اڳيان ڊوڙندا هلڻ لاءِ پنجاهہ محافظ بہ تيار ڪيا. هو خوبصورت بہ تمام گھڻو هو ۽ سندس پيءُ هن کي ڄمڻ کان وٺي ڪڏهن ائين چئي بہ نہ رنجايو هو تہ هن هيئن ڪي هونئن ڇو ڪيو آهي.


ڪي جنگي گھوڙي گاڏين تي ڀروسو ڪن ٿا، ۽ ڪي وري گھوڙن تي، اهڙا ماڻهو شڪست کائيندا ۽ هيٺ ڪيرايا ويندا. پر اي خداوند، اسان جا خدا! اسان جو تو تي ئي ڀروسو آهي، سو اسين فتح حاصل ڪنداسين ۽ قائم رهنداسين.


جتي هٺ آهي، اتي خواري اچيو پهچي. جتي ڏاهپ آهي، اتي نماڻائي ديرو ڄمائي ٿي.


مغرورن کي تباهي وَ برباديءَ تائين پهچايو ويندو. هائو، هٺيلن کي ڪنڌ ڀر ڪيرايو ويندو.


جيڪو بدڪاريءَ کي پسند ٿو ڪري سو جھيڙي جھڳڙي کي دعوت ٿو ڏئي، ۽ مغروريءَ سان ڳالهائيندڙ پنهنجي برباديءَ کي دعوت ٿو ڏئي.


ان کان علاوہ بادشاهہ پاڻ وٽ گھڻا گھوڙا نہ رکي، نڪي گھڻا گھوڙا گڏ ڪرڻ خاطر ماڻهن کي مصر ۾ موڪلي، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان کي فرمايو آهي تہ اوهين انهيءَ رستي وري ڪڏهن بہ موٽي نہ وڃجو.


هن کين ٻڌايو تہ ”جيڪو بادشاهہ اوهان تي حڪمراني ڪندو، سو هن قسم جو هوندو جو هو اوهان جي اولاد مان ڪن کي پنهنجي لشڪر جي جنگي گھوڙي گاڏين لاءِ، ڪن کي گھوڙن لاءِ نوڪر ڪري رکندو ۽ ڪي سندس گھوڙي گاڏين جي اڳيان ڊوڙندا هلندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan