بادشاهہ پڇيس تہ ”انهيءَ سڄيءَ ڳالهہ ۾ تو سان گڏ يوآب جو بہ هٿ آهي ڇا؟“ عورت ورندي ڏيئي چيو تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! اوهان جي سر جو قسم آهي تہ آءٌ بادشاهہ جي فرمان کان ساڄي يا کاٻي پاسي ڪين ڦرنديس. حقيقت ۾ اوهان جي ٻانهي يوآب ئي مون کي ائين ڪرڻ لاءِ چيو هو ۽ اهي سڀ ڳالهيون انهيءَ ئي اوهان جي ٻانهيءَ کي سيکاريون هيون.