Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 14:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن هن تقوع شهر ڏانهن ماڻهو موڪلي اتان هڪڙي سياڻي عورت گھرائي ۽ کيس چيائين تہ ”تون سوڳ ڪرڻ واريءَ جو ويس ڪري ماتمي ڪپڙا پاءِ ۽ پاڻ کي تيل نہ مک، بلڪ اهڙي عورت وانگر ٿيءُ، جنهن گھڻن ڏينهن تائين ڪنهن مئل جي لاءِ سوڳ ڪيو هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ يوآب تقوع ڏي ماڻهو موڪلي اُتان هڪڙي سياڻي زال گهرائي، ۽ چيائينس تہ ڀلائي ڪري پاڻ کي سوءَ ڪندڙ بناءِ، ۽ سوءَ جو وڳو ڍڪ، ۽ پاڻ کي تيل نہ مک پر اهڙي زال ٿيءُ، جنهن گهڻن ڏينهن تائين ڪنهن مئل جي لاءِ ماتم ڪيو هجي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 14:2
17 Iomraidhean Croise  

پوءِ هوءَ اتان اُٿي گھر هلي ويئي ۽ چادر لاهي پنهنجا رنن‌زالن وارا ڪپڙا پائي ڇڏيائين.


جڏهن اورياہ جي زال ٻڌو تہ سندس مڙس مري ويو آهي، تڏهن هوءَ پنهنجي مڙس لاءِ روئڻ ۽ سوڳ ڪرڻ لڳي.


تڏهن دائود زمين تان اٿيو ۽ غسل ڪري تيل لڳائي ڪپڙا بدلايائين. پوءِ هو انهيءَ خيمي ۾ ويو جتي خداوند جي عهد واري صندوق رکيل هئي ۽ اتي عبادت ڪيائين. تنهن بعد هو پنهنجي گھر موٽي آيو ۽ ماني گھريائين، تہ اها سندس اڳيان رکي ويئي، جا هن کاڌي.


تڏهن شهر مان هڪڙي عقلمند عورت رڙ ڪري چوڻ لڳي تہ ”ڪن ڏيئي ٻڌو. اوهين يوآب کي چئو تہ هو هيڏي منهنجي ويجھو اچي جو آءٌ ساڻس ڪجھہ ڳالهائينديس.“


خلص فلطي، عيرا ولد عقيس تقوعي،


يربعام پنهنجيءَ زال کي چيو تہ ”پنهنجو ويس مَٽاءِ تہ جيئن تو کي ڪوبہ سڃاڻي نہ سگھي تہ تون منهنجي زال آهين. پوءِ سيلا شهر ڏانهن وڃ جتي اخياہ نالي اهو نبي رهي ٿو، جنهن مون کي چيو هو تہ ’تون بني اسرائيل جي ڏهن قبيلن جو بادشاهہ ٿيندين.‘


تنهنڪري خداوند اخياہ کي ٻڌائي ڇڏيو تہ يربعام جي زال کانئس پنهنجي بيمار پٽ بابت پڇڻ ٿي اچي، پر جڏهن هوءَ پهچندي تڏهن پاڻ کي ڪا ٻي عورت ڪري پيش ڪندي. سو خداوند اخياہ کي ٻڌايو تہ کيس ڇا چوڻ گھرجي.


بيت‌لحم، عيطام، تقوع،


ٻئي ڏينهن هو صبح جو سوير اٿيا ۽ تقوع جي بيابان ڏانهن روانا ٿيا. سندن رواني ٿيڻ وقت يهوسفط اُٿي بيهي کين چيو تہ ”اي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا رهاڪؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهان جو ايمان خداوند پنهنجي خدا تي قائم رهي تہ اوهين بہ قائم رهندا. اوهين سندس نبين جي چوڻ تي يقين ڪندا تہ ڪامياب ٿيندا.“


انهيءَ کان پوءِ تقوع جي رهاڪن ٻئي حصي جي مرمت ڪئي، جيڪو ٻاهر نڪتل وڏي ٺُلهہ جي سامهون عوفل جي ڀت تائين هو.


ان سان لاڳيتو حصو تقوع جي رهاڪن مرمت ڪيو، پر نگراني ڪندڙن جيڪو ڪم اتان جي اميرن کي ڪرڻ لاءِ ڏنو، تن انهيءَ ڪم کان انڪار ڪيو.


تون مئي کي پيدا ڪرين ٿو، جيڪا ماڻهن جي دل خوش ٿي ڪري، تون تيل کي پيدا ڪرين ٿو، جنهن سان هو پنهنجي چهري کي چمڪائين ٿا، ۽ تون انهن کي ماني ڏين ٿو جيڪا کين طاقت بخشي ٿي.


ڀلي تہ اوهان جا ڪپڙا هميشہ اڇا اُجرا هجن ۽ وارن کي تيل ڦڻي ڏنل هجي، جيئن اوهين ٺاهوڪا ڏسڻ ۾ اچو.


اي بني بنيامين! ڀڄو، ڀڄو، يروشلم مان ڀڄي جان بچايو. تقوع شهر ۾ نفيل وڄائي آگاهي ڏيو. بيت‌هڪرم شهر ۾ دونهون بلند ڪري خطري جو اشارو ڪريو. انهيءَ ڪري جو اتر کان هڪڙي آفت، بلڪ وڏي تباهي ايندي نظر اچي ٿي.


هي ڳالهيون تقوع شهر جي ڌنار عاموس جون آهن. اسرائيل وارن بابت اهي ڳالهيون يهوداہ ملڪ جي بادشاهہ عُزياہ ۽ اسرائيل ملڪ جي بادشاهہ يربعام ثاني ولد يهوآس جي ڏينهن ۾ زلزلي کان ٻہ سال اڳ خدا عاموس کي رويا ۾ ڏيکاريون.


پر جڏهن اوهين روزو رکو تہ پنهنجي منهن کي ڌوئو ۽ مٿي کي تيل مکي ڦڻي ڏيو،


تنهنڪري تون وهنجي سهنجي، خوشبوءِ لڳائي عمدا ڪپڙا پائي ڳاهہ واري پِڙ تي هلي وڃ. پر تيستائين تون پاڻ کي مٿس ظاهر نہ ڪج، جيستائين هو کائي پي بس نہ ڪري.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan