Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 13:9 - Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ هن اهي تئي تان لاهي سندس اڳيان آڻي رکيون. پر هن کائڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائينس تہ ”مون وٽان سڀني ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏ.“ سو سڀ ماڻهو وٽانئس نڪري ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 پوءِ هن ٿالهي کڻي اهي هن جي اڳيان اُن ۾ اُٿلائي وڌيون، پر هن نہ کاڌيون، ۽ امنون چيو تہ مون وٽان سڀ ماڻهو ٻاهر ڪڍي ڇڏ. ۽ سڀ ماڻهو وٽانئس نڪري ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 13:9
5 Iomraidhean Croise  

يوسف پنهنجي نوڪرن جي اڳيان پاڻ کي جھلي نہ سگھيو ۽ رڙ ڪري کين چيائين تہ ”سڀيئي ٻاهر هليا وڃو.“ سو جڏهن يوسف پاڻ کي پنهنجي ڀائرن ۾ ظاهر ڪيو، تڏهن اتي ٻيو ڪوبہ ماڻهو موجود ڪونہ هو.


تڏهن امنون تمر کي چيو تہ ”ماني منهنجي ڪمري ۾ کڻي اچ تہ آءٌ تنهنجي هٿان کاوان.“ سو تمر جيڪي لوليون پچايون هيون، سي کڻي پنهنجي ڀاءُ امنون وٽ سندس ڪمري ۾ آئي.


تنهنڪري تمر پنهنجي ڀاءُ امنون جي گھر ويئي، جتي ڏٺائين تہ هو هنڌ ۾ ستو پيو هو. هن اٽو کڻي ڳوهيو ۽ سندس روبرو لوليون ٺاهي پچايائين.


جيڪو بہ بڇڙا ڪم ڪري ٿو سو روشنيءَ کان نفرت ڪري ٿو ۽ روشنيءَ ڏانهن نہ ٿو اچي، متان سندس بڇڙا ڪم روشنيءَ ۾ پڌرا ٿي پون.


مگر پاڻ جِلجال وارين پٿر جي مورتين وٽان موٽي عجلون بادشاهہ وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”اي بادشاهہ! مون کي هڪڙو ڳجھو پيغام توهان کي ڏيڻو آهي.“ بادشاهہ چيو تہ ”نويڪلائي ٿئي.“ تڏهن بادشاهہ جا سڀ درٻاري ٻاهر نڪري ويا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan