Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 13:3 - Muslim Sindhi Bible

3 امنون جو هڪڙو دوست هوندو هو، جنهن جو نالو يوندب هو. هو دائود جي ڀاءُ سمعہ جو پٽ هو ۽ ڏاڍو چالاڪ ماڻهو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 پر امنون جو هڪڙو دوست هوندو هو، جنهن جو نالو يوندب هو، جو دائود جي ڀاءُ سمعہ جو پٽ هو: ۽ يوندب ڏاڍو چالاڪ ماڻهو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 13:3
21 Iomraidhean Croise  

خداوند خدا جيڪي بہ جھنگلي جانور پيدا ڪيا هئا، نانگ تن سڀني کان وڌيڪ چالاڪ هو. هن عورت کان پڇيو تہ ”ڇا سچ پچ خدا اوهان کي باغ ۾ ڪنهن بہ وڻ جي ميوي کائڻ کان جھليو آهي؟“


انهن ڏينهن ۾ يهوداہ پنهنجي ڀائرن کي ڇڏي حيرہ نالي هڪڙي ماڻهوءَ وٽ وڃي رهڻ لڳو، جيڪو عدُولام شهر ۾ رهندو هو.


بعد ۾ يهوداہ انهيءَ عورت وٽان گروي رکيل شيون موٽائي اچڻ لاءِ پنهنجي عدُولامي دوست حيرہ سان ڇيلو ڏياري موڪليو. پر هو انهيءَ کي لهي نہ سگھيو.


امنون تمر جي ڪري اهڙو تہ بيقرار رهڻ لڳو، جو هو بيمار ٿي پيو، ڇاڪاڻ تہ جيئن تہ هوءَ ڪنواري هئي سو امنون کي وٽس پهچي ساڻس ڪجھہ ڪرڻ مشڪل ٿي نظر آيو.


پر دائود جي ڀاءُ سمعہ جي پٽ يوندب چيو تہ ”منهنجا آقا! اوهين ائين نہ سمجھو تہ سڀيئي شهزادا ماريا ويا آهن، بلڪ رڳو امنون کي قتل ڪيو ويو آهي. اهو فيصلو ابي‌سلوم ان ڏينهن ئي ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڏينهن امنون سندس ڀيڻ تمر جي بي‌حرمتي ڪئي هئي.


هڪڙي ڏينهن هن امنون کي چيو تہ ”اي شهزادا! ڪهڙي ڳالهہ آهي، جو تون ڏينهون ڏينهن ڏٻرو ٿيندو پيو وڃين؟ ڇا تون مون کي نہ ٻڌائيندين؟“ امنون کيس وراڻيو تہ ”مون کي پنهنجي ڀاءُ ابي‌سلوم جي ڀيڻ تمر سان عشق ٿي ويو آهي.“


تڏهن هن تقوع شهر ڏانهن ماڻهو موڪلي اتان هڪڙي سياڻي عورت گھرائي ۽ کيس چيائين تہ ”تون سوڳ ڪرڻ واريءَ جو ويس ڪري ماتمي ڪپڙا پاءِ ۽ پاڻ کي تيل نہ مک، بلڪ اهڙي عورت وانگر ٿيءُ، جنهن گھڻن ڏينهن تائين ڪنهن مئل جي لاءِ سوڳ ڪيو هجي.


جڏهن هن بني اسرائيل جي ماڻهن کي للڪاريو، تڏهن دائود جي ڀاءُ سمعيءَ جي پٽ يونتن انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو.


يسيءَ جا ست پٽ نمبروار هي هئا: الياب، ابينداب، سمعي،


دائود جو چاچو يونتن عقلمند مشير ۽ شاهي محرر هو. يحي‌ايل ولد حڪموني شهزادن جي سنڀال تي مقرر هو.


پر ان وقت هامان پاڻ تي ضابطو ڪري ورتو ۽ ماٺ ڪري گھر هليو ويو. پوءِ هامان پنهنجي دوستن ۽ پنهنجيءَ زال زرش کي پاڻ وٽ گھرايو.


تنهن تي سندس زال زرش ۽ ٻين سڀني دوستن کيس صلاح ڏني تہ ”ٻاويهہ ميٽر ڊگھي ڦاهي ٺهراءِ ۽ سڀاڻي صبح جو شهنشاهہ کي چئُہ تہ مردڪئيءَ کي ان تي چاڙهي ڦاهي ڏياري ڇڏي. پوءِ تون شهنشاهہ سان گڏجي دعوت ۾ وڃي خوشيون ملهاءِ.“ هامان کي اها صلاح ڏاڍي وڻي، سو هن ڦاهي ٺهرائي.


هامان پنهنجي زال زرش ۽ پنهنجي سڀني دوستن کي اُهو سڀ ڪُجھہ ٻڌايو جيڪو ساڻس ٿي گذريو هو. تڏهن سندس صلاحڪارن ۽ سندس زال زرش کيس چيو تہ ”جيئن تہ مردڪئي، جنهن جي اڳيان تون پاڻ کي گھٽ سمجھڻ لڳو آهين، سو يهودي نسل جو آهي، سو تون هن سان مقابلو نہ ڪري سگھندين. تون يقيناً برباد ٿي ويندين.“


امير ماڻهوءَ جي گھڻا ئي خوشامند ڪندا آهن، ۽ بخشش ڏيڻ واري جو هر ڪو دوست بڻجيو وڃي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”بيشڪ منهنجي قوم بي‌عقل آهي، اها مون کي نہ ٿي سڃاڻي. اهي بي‌سمجھہ ٻارن جيان آهن، جن کي ڪابہ سمجھہ ڪونهي. اُهي بڇڙائي ڪرڻ ۾ تہ ماهر آهن، پر نيڪي ڪرڻ نہ ٿا ڄاڻن.“


ڏسو، هن دنيا جي ڏاهپ خدا جي آڏو بي‌وقوفي آهي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خدا ڏاهن کي سندن ئي چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“


اهڙي ڏاهپ اها نہ آهي جيڪا آسمان کان ٿي ملي، پر اها دنياوي، نفساني ۽ شيطاني آهي.


تڏهن سمسون جي زال سندس انهيءَ سنگتيءَ کي ڏني ويئي جيڪو سندس شاديءَ ۾ آنر بڻيو هو.


تڏهن سموئيل يسيءَ کان پڇيو تہ ”تنهنجا سمورا پٽ اهي ئي آهن ڇا؟“ يسيءَ وراڻيو تہ ”سڀني کان ننڍو اڃا باقي آهي، جيڪو رڍون چارڻ ويو آهي.“ تڏهن سموئيل چيس تہ ”انهيءَ کي گھرائي وٺ، ڇاڪاڻ تہ جيستائين هو هتي نہ ايندو تيستائين اسين ڪجھہ نہ ڪنداسين.“


تڏهن يسيءَ ٽئين پٽ سمہ کي اڳيان آندو. پر سموئيل چيو تہ ”هن کي بہ خداوند ڪين چونڊيو آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan