Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 13:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن تمر چيس تہ ”نہ ادا، مون کي اهڙي ڪم لاءِ زور نہ ڀر، جيڪو بني اسرائيل ۾ ٿيڻ نہ گھرجي. اهڙي بي‌حيائي نہ ڪر.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 تڏهن هن ورندي ڏني تہ نہ ادا، مون کي زور نہ ڪر؛ ڇالاءِ جو اسرائيل ۾ اهڙو ڪم ڪرڻ نہ گهرجي: اهڙي بي عقلي نہ ڪر.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 13:12
12 Iomraidhean Croise  

جڏهن انهيءَ علائقي جي حاڪم حمور حِويءَ جي پٽ سڪم هن کي ڏٺو تہ کيس پڪڙي وڃي آبرو لُٽيائينس.


جيئن ئي يعقوب جا پٽ جھنگ مان موٽيا ۽ اها ڳالهہ ٻڌائون تڏهن تمام رنج ٿيا ۽ ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويا. انهيءَ جو سبب هي هو تہ سڪم يعقوب جي ڌيءَ جي عزت لُٽي اسرائيل جي گھراڻي جي خواريءَ جو ڪم ڪيو هو، جيڪو ڪرڻ نہ گھربو هئس.


تہ مون ڪجھہ بي‌سمجھہ نوجوانن کي رستي سان ويندي ڏٺو. پر انهن ۾ هڪڙو جيڪو تمام بي‌وقوف ٿي لڳو،


انهيءَ سبب جو هنن مون کي ڪاوڙائڻ جهڙا ڪم ڪيا، يعني ٻين ماڻهن جي زالن سان زناڪاري ڪيائون ۽ منهنجي نالي تي ڪوڙيون ڳالهيون ڪيائون جيڪي مون کين نہ چيون هيون. مون کي اها سڄي خبر آهي ۽ آءٌ خداوند پاڻ ان جو گواهہ آهيان.‘“


اوهان پنهنجي ماٽيليءَ ڀيڻ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ اها پڻ اوهان جي ڀيڻ آهي.


اوهان پنهنجيءَ ڀيڻ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، پوءِ اها توهان جي پيءُ جي ڌيءَ هجي يا رڳو ماءُ جي. توڙي اها گھر ۾ پلي هجي يا ڪٿي ٻاهر.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي سڳيءَ يا ماٽيليءَ ڀيڻ کي پاڻ سان رهائيندو ۽ اُهي هڪٻئي جي اوگھڙ ڏسندا، تہ اها تمام شرم جهڙي ڳالهہ آهي. سو انهن ٻنهي کي پوريءَ قوم آڏو ظاهر ظهور بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ماڻهوءَ پنهنجي ڀيڻ جي عزت ورتي آهي. سندس گناهہ سندس ئي سر تي هوندو.


تہ پوءِ هو انهيءَ ڇوڪريءَ کي سندس پيءُ جي گھر جي در تي ڪڍي اچن. اتي سندس شهر جا مرد کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ زناڪاري ڪري بني اسرائيل ۾ بي‌عزتيءَ جو ڪم ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.


تہ جيڪو ماڻهو انهيءَ ڇوڪريءَ سان ستو، سو ڇوڪريءَ جي پيءُ کي چانديءَ جا پنجاهہ سڪا ڀري ڏئي. جيئن تہ هن ڇوڪريءَ کي بي‌آبرو ڪيو آهي، سو هوءَ سندس زال ٿي رهي ۽ سڄي حياتيءَ تائين هو انهيءَ کي طلاق نہ ڏئي.


تڏهن گھر جي مالڪ ٻاهر نڪري کين چيو تہ ”نہ، اي منهنجا ڀائرؤ! مهرباني ڪري اهڙو بڇڙو ڪم نہ ڪريو. جيئن تہ اهو ماڻهو منهنجو مهمان آهي سو اهڙو ڪُڌو ڪم ساڻس نہ ڪريو.


پوءِ مون پنهنجي سُريت جي لاش کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ۽ بني اسرائيل جي ٻارهن ئي قبيلن ڏانهن هڪ هڪ ٽڪر ڏياري موڪليم، ڇاڪاڻ تہ هنن اسان منجھہ هڪ بڇڙو ۽ شرمناڪ ڪم ڪيو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan