Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 12:9 - Muslim Sindhi Bible

9 تہ پوءِ تو ڇو مون خداوند جي فرمان کي خسيس ڄاڻيندي اهڙو ڪم ڪيو، جيڪو منهنجي نظر ۾ برو آهي؟ تو اورياہ حتيءَ کي جنگ ۾ مارايو. هائو، تو هن کي بني عمون جي هٿان قتل ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ سندس زال کي پنهنجي زال بڻايو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 تڏهن ڇالاءِ تو خداوند جي ڪلام جي حقارت ڪئي آهي، ۽ جيڪي خدا جي نظر ۾ بڇڙو آهي سو ڪيو اٿئي؟ تو اورياہ حتيءَ کي ترار سان ماريو آهي، ۽ هن جي زال کي پنهنجي زال ڪيو اٿئي، ۽ هن کي بني عمون جي ترار سان قتل ڪرايو اٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 12:9
23 Iomraidhean Croise  

تڏهن دائود ماڻهو موڪلي انهيءَ کي گھرايو. هوءَ تازو ئي ماهواريءَ کان پاڪ ٿي هئي. جڏهن هوءَ وٽس آئي تہ هو ساڻس سمهيو. تنهن بعد هوءَ پنهنجي گھر هلي ويئي.


تنهنڪري، هاڻي تنهنجي گھراڻي تان تلوار اصل ڪانہ ٽرندي، ڇاڪاڻ تہ تو مون کي خسيس ڄاتو آهي جو تو اورياہ حتيءَ جي زال کي پنهنجي زال بڻايو آهي.


شمعيءَ لعنت وجھندي هيئن ٿي چيو تہ ”اي خوني! اي خبيث! نڪري وڃ، نڪري وڃ.


ڇاڪاڻ تہ دائود اهي ڪم ڪيا هئا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا. اورياہ حتيءَ جي ڳالهہ کان سواءِ هو پنهنجي سڄي عمر ۾ خداوند جي ڏنل ڪنهن بہ حڪم کان نہ ڦريو هو.


انهيءَ کي وڃي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’تو ماڻهوءَ جو خون ڪيو آهي ۽ ان جي ملڪيت بہ ڦري اٿيئي. سو هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جنهن جاءِ تي نابوت جو رت ڪتن چٽيو آهي، انهيءَ ساڳي جاءِ تي تنهنجو رت بہ ڪتا چٽيندا.‘“


هن پنهنجي پٽن کي هنوم ماٿريءَ ۾ باهہ ۾ قربان ڪيو. هو فالون وجھندو هو، جادو ۽ ٽوٽڪا ڪندو هو ۽ ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن سان واهپو رکيو هئائين. مطلب تہ هن خداوند جي نظر ۾ گھڻا ئي برا ڪم ڪيا جن جي ڪري خداوند هن جي خلاف سخت ڪاوڙيو.


اي خدا! اي منهنجا نجات ڏيندڙ! مون کي خون واري ڏوهہ کان ڇڏاءِ. پوءِ منهنجي زبان تنهنجي ان سچائيءَ جا گيت ڳائيندي.


تون نہ ڪنهن نذراني کان نڪي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪرڻ کان خوش ٿو ٿئين، نہ تہ آءٌ اهي ئي پيش ڪريان.


مون رڳو تنهنجو ئي گناهہ ڪيو آهي، مون اهڙو ڪم ڪيو آهي جيڪو تنهنجي نظر ۾ برو آهي. سو تون مون تي فتويٰ ڏيڻ ۾ سچار ثابت ٿيندين، ۽ جڏهن تون عدالت ڪندين تہ تو تي ڪو الزام نہ ايندو.


انهيءَ سبب جو تون اسان جي خطائن کي درگذر نہ ٿو ڪرين، بلڪ اسان جي ڳجھن گناهن کي بہ پنهنجي نظر ۾ رکيو اچين.


سڌي رستي تي هلڻ وارو خدا جو فرمانبردار ٿو رهي، مگر ڏنگي رستي تي هلڻ وارو سندس نافرماني ٿو ڪري.


تنهنڪري جهڙيءَ طرح باهہ بُهہ کي ساڙي ڇڏيندي آهي، ۽ جيئن باهہ جو شعلو سڪل گاهہ کي رک ڪري ڇڏيندو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ اهڙي ٻوٽي جيان تباهہ وَ برباد ٿي ويندا، جنهن جي پاڙ ڳري سڙي ويئي هجي، ۽ جنهن جو ٻور دز وانگر اڏامي ويو هجي. جيئن تہ اوهان قادرِمطلق جي شريعت کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي فرمان کي ٺڪرايو آهي،


تہ پوءِ جي اها قوم منهنجي نظر ۾ بڇڙائي ڪندي ۽ منهنجو حڪم نہ مڃيندي تہ آءٌ بہ ان چڱائيءَ ڪرڻ کان باز ايندس جيڪا مون ساڻس ڪرڻ چاهي هوندي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”يهوداہ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند جي شريعت کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي حڪمن تي عمل نہ ڪيو اٿائون. انهن ڪوڙن معبودن کين گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، جن جي سندن ابن ڏاڏن پوڄا ڪئي هئي.


پوءِ ڇو تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو؟ بلڪ لٽ جي مال تي ڪاهي پئين. اهو اهڙو ڪم ڪيو اٿيئي جيڪو خداوند جي نظر ۾ برو آهي.“


بغاوت ۽ جادوگريءَ جو گناهہ هڪجهڙو ئي آهي، سرڪشي بتن جي پوڄا ڪرڻ برابر آهي. سو جيئن تہ تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو آهي، تنهنڪري هن بہ تنهنجي بادشاهيءَ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.“


سموئيل وراڻي ڏنس تہ ”آءٌ تو سان گڏجي موٽي نہ هلندس، ڇاڪاڻ تہ تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو آهي ۽ خداوند بني اسرائيل تي تنهنجي بادشاهيءَ کي رد ڪيو آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan