Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 12:6 - Muslim Sindhi Bible

6 انهيءَ ماڻهوءَ کي ان رڍ جي چئوڻي ملهہ جيترو ڀري ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ تہ هن کي اهڙو ڪم ڪندي ڪوبہ قياس ڪونہ آيو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ انهي کي انهيءَ رڍ جي چئوڻي ملهہ جيترو ڀري ڏيڻو پوندو، ڇالاءِ جو هن کي ڪوبہ قياس ڪونہ آيو ۽ اهڙو ڪم ڪيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 12:6
7 Iomraidhean Croise  

بلڪ مهرباني ڪري اڄ جو اڄ اوهين هنن کي سندن ٻنيون، انگورن ۽ زيتونن جا باغ ۽ سندن گھر موٽائي ڏيو. اوهين کين سندن پئسا، اناج، مئي ۽ زيتون جو تيل پڻ موٽائي ڏيو، جيڪي اوهان کانئن وياج طور اُڳاڙيا آهن.“


تہ انهيءَ کڏ جو مالڪ ان جو نقصان ڀري ڏئي. هو جانور جي مالڪ کي هن جي قيمت ڏئي ۽ مئل جانور پاڻ کڻي.


”جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڏاند يا رڍ چورائي ۽ انهيءَ کي ڪهي يا وڪڻي ڇڏي، تہ اهو هڪڙي ڏاند جي عيوض پنج ڏاند ۽ هڪڙيءَ رڍ جي عيوض چار رڍون ڀري ڏئي.


تنهن هوندي بہ جيڪڏهن اهو هٿ اچي ويندو تہ هو ستوڻو مال ڀري ڏيندو. هائو، جيڪو ڪجھہ وٽس هوندو سو کيس ڏيڻو پوندو.


يا جنهن شيءِ بابت ڪوڙو قسم کنيو اٿائين سا ذري پرزي موٽائي ڏئي. انهيءَ سان گڏ جنهن وقت هو ڏوهاري قرار ڏنو وڃي تنهن وقت انهيءَ شيءِ جي مالڪ کي سندس شيءِ جو پنجون حصو وڌيڪ ادا ڪري.


گھر اندر زڪئي اُٿي بيهي خداوند کي چيو تہ ”ڏسو، اي خداوند! آءٌ پنهنجي ملڪيت جو اڌ غريبن کي ٿو ڏيان ۽ جيڪڏهن مون ڪنهن کي ٺڳيو آهي تہ آءٌ کيس چئوڻا ڪري موٽائي ڏيندس.“


ڇاڪاڻ تہ جنهن پاڻ ٻين تي رحم نہ ڪيو، تنهن جو فيصلو بنا ڪنهن رحم ڪرڻ جي ڪيو ويندو. مطلب تہ جڏهن فيصلو ڪيو ويندو، تڏهن ٻين تي رحم ڪرڻ جي ڳالهہ غالب پوندي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan