Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 12:5 - Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن دائود کي انهيءَ شاهوڪار ماڻهوءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. سو هن ناتن کي چيو تہ ”زندہ خدا جو قسم آهي تہ جنهن ماڻهوءَ اهڙو ڪم ڪيو آهي، سو موت جي سزا جي لائق آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 تڏهن دائود انهيءَ ماڻهوءَ تي ڏاڍو ڪاوڙيو؛ ۽ هن ناتن کي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ جنهن ماڻهوءَ اهڙو ڪم ڪيو آهي سو مرڻ جي لائق آهي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 12:5
10 Iomraidhean Croise  

اٽڪل ٽن مهينن کان پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ يهوداہ کي ٻڌايو تہ ”تنهنجي نُنهن تمر ڪسبياڻيءَ وارو ڪم ڪيو آهي ۽ پيٽ ٿي پيو اٿس.“ تڏهن يهوداہ چيو تہ ”ٻاهر وٺي اچوس تہ کيس ساڙيو وڃي.“


هڪڙي ڏينهن انهيءَ شاهوڪار ماڻهوءَ وٽ هڪڙو مسافر آيو. سو هن پاڻ وٽ آيل انهيءَ مسافر جي ماني تيار ڪرڻ لاءِ پنهنجي رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن مان ڪنهن کي بہ هٿ نہ لاتو، بلڪ انهيءَ غريب ماڻهوءَ جي رڍ کڻي وڃي انهيءَ مسافر لاءِ ڪهي تيار ڪيائين.“


بادشاهہ انهيءَ عورت کي چيو تہ ”تون پنهنجي گھر موٽي وڃ. آءٌ تو بابت حڪم ڏيندس.“


پر عيسيٰ ڦري هنن کي ڇينڀيو


هاڻ اي انسان! تون جيڪو ٻين جا عيب ٿو اُگھاڙين، پوءِ تون کڻي ڪير بہ هجين تو کي انهيءَ جو ڪوبہ حق نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ جن ڪمن جو الزام تون ٻين تي ٿو هڻين، سي ڪم تہ تون خود ڪري پاڻ کي ڏوهاري ٿو قرار ڏئين.


مون کي انهيءَ جيئري خداوند جو قسم آهي، جنهن بني اسرائيل کي بچايو آهي، تہ جيڪڏهن اهو گناهہ منهنجي پٽ يونتن بہ ڪيو هوندو تہ اهو ضرور ماريو ويندو.“ پر ماڻهن مان ڪنهن بہ هن کي ورندي ڪانہ ڏني.


جيستائين يسيءَ جو پٽ هن ڌرتيءَ تي جيئرو آهي تيستائين نڪي تون بادشاهہ ٿيندين ۽ نہ وري تنهنجي حڪومت قائم ٿيندي. تنهنڪري هاڻي جلد هن کي گھرائي مون وٽ آڻ، ڇاڪاڻ تہ هن جو مرڻ ضروري آهي.“


سو تو اهو ڪم چڱو نہ ڪيو آهي. خداوند جيئري جو قسم آهي تہ اوهين سڀ موت جا حقدار آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان پنهنجي آقا، خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي نگهباني نہ ڪئي آهي. هاڻي ڏسو، ڪٿي آهي بادشاهہ جو نيزو ۽ پاڻيءَ جي اها گھُگھي جا سندس سيرانديءَ کان رکيل هئي؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan