Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 12:3 - Muslim Sindhi Bible

3 پر غريب ماڻهوءَ وٽ ڪجھہ بہ ڪين هو، سواءِ هڪڙي ننڍي رڍ جي، جيڪا هن خريد ڪري پالي هئي. اها رڍ ساڻس ۽ سندس ٻارن سان گڏ رهي وڏي ٿي هئي. اها ساڻس گڏ هڪڙي ئي ٿانوَ مان کائيندي ۽ پيئندي هئي ۽ سمهندي بہ سندس هنج ۾ هئي. اها هن کي ڌيءَ وانگر هوندي هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 پر غريب ماڻهو وٽ ڪي ڪين هو، سواءِ هڪڙي ننڍڙي رڍ جي، جا هن خريد ڪري پالي هئي: ۽ اها ساڻس، ۽ سندس ٻارن سان گڏ رهي وڏي ٿي هئي؛ اها هن جي ماني مان کائيندي هئي، ۽ هن جي پيالي مان پاڻي پيئندي هئي، ۽ هن جي هنج ۾ سمهندي هئي، ۽ هن کي ڌيءَ وانگر هوندي هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 12:3
6 Iomraidhean Croise  

تڏهن دائود ماڻهو موڪلي انهيءَ عورت بابت پڇاڳاڇا ڪرائي. کيس ٻڌايو ويو تہ اها العام جي ڌيءَ ۽ اورياہ حتيءَ جي زال بت‌سبع آهي.


شاهوڪار ماڻهوءَ وٽ تمام گھڻيون رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا هئا.


هڪڙي ڏينهن انهيءَ شاهوڪار ماڻهوءَ وٽ هڪڙو مسافر آيو. سو هن پاڻ وٽ آيل انهيءَ مسافر جي ماني تيار ڪرڻ لاءِ پنهنجي رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن مان ڪنهن کي بہ هٿ نہ لاتو، بلڪ انهيءَ غريب ماڻهوءَ جي رڍ کڻي وڃي انهيءَ مسافر لاءِ ڪهي تيار ڪيائين.“


سو اي بني اسرائيل! اوهين ڪنهن تي بہ اعتبار نہ ڪريو، توڙي جو اهو اوهان جو بهترين دوست ئي ڇو نہ هجي. اوهين هر ڳالهہ بيحد احتياط سان ڪريو، توڙي جو پنهنجي پياري زال سان ئي ڇو نہ ڳالهايو.


جيڪڏهن اوهان جو سڳو ڀاءُ، پٽ، ڌيءَ، دلگھُري زال يا اوهان جو جاني دوست اوهان کي ڳجھيءَ طرح لالچائي اهڙن معبودن جي پوڄا ڪرڻ لاءِ چوي، جن جي اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي خبر نہ هئي،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan