2.سموئيل 11:1 - Muslim Sindhi Bible1 جيئن تہ بهار جي موسم ۾ بادشاهہ اڪثر جنگ تي ويندا آهن، سو ايندڙ بهار جي موسم ۾ دائود پنهنجي سالارن ۽ بني اسرائيل جي سڄي لشڪر کي يوآب سان گڏ جنگ تي روانو ڪيو. هنن بني عمون کي ماري چٽ ڪري ڇڏيو ۽ سندن شهر ربہ کي گھيرو ڪيائون. پر دائود پاڻ يروشلم ۾ ئي رهيو. Faic an caibideilSindhi Bible1 ۽ هيئن ٿيو تہ بهار جي موسم ۾ جنهن وقت بادشاهہ جنگ تي ويندا آهن، تڏهن دائود پنهنجن نوڪرن کي، ۽ سڀني اسرائيلين کي، يوآب سان گڏ ڏياري موڪليو، ۽ انهن بني عمون کي ماري چٽ ڪري ڇڏيو، ۽ ربہ کي گهيرو ڪيائون. پر دائود يروشلم ۾ ترسي پيو. Faic an caibideil |
جڏهن دشمن اچي عمونين جي ڳوٺ عئيءَ کي تباهہ ڪندا، تڏهن اي حشبون وارؤ! اوهين واءِويلا مچائيندا. اي ربہ جا رهاڪؤ! اوهين بہ رڙيون ڪري روئندا، کٿا ڍڪيندا ۽ سوڳ ڪندا. اوهين ڊپ وچان ڪوٽ اندر هيڏانهن هوڏانهن پيا ڊوڙيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو معبود مولڪ پنهنجي مذهبي اڳواڻن ۽ سڀني عملدارن سميت جلاوطن ڪيو ويندو.